پاڪستان ۽ سعودي عرب لبنان ۾ اسرائيلي حملن ۽ جنگ بندي جـِي ڀڃڪڙين جـِي سخت لفظن ۾ مذمت ڪئي آھي.
پاڪستان جَي پرڏيهي کاتي جَي ترجمان طاهر حسين اندربي جاري ڪيل بيان ۾ چيو تہ پاڪستان لبنان ۾ اسرائيلي حملن جي نتيجي ۾ ٿيندڙ وڏي جاني نقصان ۽ انفراسٽرڪچر جي تباهي جي سخت لفظن ۾ مذمت ڪري ٿو.
ھن چيو تہ پاڪستان لبناني حڪومت ۽ عوام سان مڪمل يڪجهتي جو اظهار ڪري ٿو، ڏک جـِي هن گهڙيءَ ۾ ساڻن گڏ بيٺل آهيون.
ترجمان پنهنجي بيان ۾ چيو تہ اسرائيلي ڪارروايون نہ رڳو عالمي قانونن جي ڀڃڪڙي آهن، پر خطي ۾ امن جي ڪوششن کي بہ نقصان پهچائي رھيون آھن.
پاڪستان لبناني آزادي، علائقائي خودمختاري ۽ امن و استحڪام جي مڪمل حمايت جو ورجاءُ ڪيو آهي.
ھوڏانھن نائب وزيراعظم ۽ پرڏيهي وزير اسحاق ڊار ۽ سعودي پرڏيهي وزير شهزادہ فيصل بن فرحان سان ٽيليفونڪ رابطو ٿيو.
ٻنهي اڳواڻن لبنان ۾ جنگ بندي جي ڀڃڪڙين تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪندي چيو تہ جٽادار امن ۽ استحڪام کي يقيني بڻائڻ لاءِ جنگ بندي جو مڪمل احترام ۽ لاڳو ٿيڻ جو وقت اهم ضرورت آهي.
اسحاق ڊار جٽادار امن لاءِ پاڪستان جي ڪوششن جي سعودي عرب پاران مسلسل حمايت کي ساراهيو.