پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ ٿيندڙ ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي جي باضابطه نمائش ڪئي وئي آهي.
قومي ٽيم جي ڪپتان بابر اعظم ۽ ويسٽ انڊيز جي ڪپتان روسٽن چيس گڏجي ٽيسٽ سيريز جي ٽرافي تان پردو کنيو.
ٽرافي جي افتتاحي نمائش واري تقريب برائن لارا ڪرڪيٽ اڪيڊمي ۾ منعقد ڪئي وئي، جتي ٻنهي ٽيمن جي ڪپتانن سيريز لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
واضح رهي ته پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ پهريون ٽيسٽ ميچ 25 جولاءِ کان شروع ٿيندو، جنهن سان ٻنهي ٽيمن وچ ۾ ٽيسٽ سيريز جو باضابطه آغاز ٿيندو.