لائیو پاڪستان جي انتظام هيٺ ڪشمير ۾ عام چونڊن جو اعلان، پر چونڊ مهم ۾ جوش ڇو نظر نٿو اچي؟

فہرستِ مضامین

مظفرآباد: (خاص رپورٽ) پاڪستان جي انتظام هيٺ آزاد ڄمون ۽ ڪشمير ۾ قانون ساز اسيمبلي جي عام چونڊن جو شيڊول جاري ڪيو ويو آهي، پر ماضي جي ڀيٽ ۾ هن ڀيري سياسي سرگرميون ۽ چونڊي مهم گهڻي حد تائين ٿڌي نظر اچي رهي آهي، جنهن سبب سياسي حلقن ۾ ڪيترائي سوال اڀري رهيا آهن.

بي بي سي اردو موجب، سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته چونڊن جي اعلان باوجود نه وڏيون چونڊي ريليون ٿي رهيون آهن، نه ئي پارٽين جي وچ ۾ روايتي سياسي گرما گرمي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي. ڪيترن ئي اميدوارن ۽ سياسي ڪارڪنن جو خيال آهي ته علائقي ۾ معاشي مسئلا، بيروزگاري، مهانگائي ۽ گذريل سالن جي سياسي ڇڪتاڻ سبب عوام جي دلچسپي اڳ جي ڀيٽ ۾ گهٽ ٿي وئي آهي.

مبصرن جو چوڻ آهي ته گذريل ڪجهه سالن دوران اٽي، بجلي ۽ ٻين بنيادي ضرورتن بابت احتجاجن، سياسي بيچيني ۽ حڪومتي ڪارڪردگي بابت عوامي خدشن به چونڊ ماحول تي اثر وڌو آهي. ڪيترائي ووٽر چون ٿا ته هو رڳو واعدن بدران عملي قدمن جا منتظر آهن.

آزاد ڪشمير جي مختلف سياسي پارٽين چونڊن جي تياري شروع ڪري ڇڏي آهي، پر هن وقت تائين وڏي پيماني تي جلسا جلوس يا عوامي مهم سامهون نه آئي آهي. سياسي تجزيه نگارن جو چوڻ آهي ته ايندڙ هفتن دوران اميدوارن جي حتمي فهرستن ۽ باقاعده مهم شروع ٿيڻ کانپوءِ سياسي سرگرمين ۾ تيزي اچي سگهي ٿي.

اليڪشن ڪميشن جو چوڻ آهي ته چونڊون مقرر ڪيل شيڊول موجب آزاد، شفاف ۽ منصفاڻي نموني ڪرائڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا پيا وڃن، جڏهن ته سيڪيورٽي ادارن سان به رابطا جاري آهن ته جيئن ووٽر پرامن ماحول ۾ پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهن.

سياسي مبصرن جي نظر ۾ هن ڀيري چونڊن جو سڀ کان وڏو امتحان ووٽرن جي شرڪت هوندي، ڇاڪاڻ تہ جيڪڏهن عوام وڏي انگ ۾ پولنگ اسٽيشنن تائين نه پهتو ته ان سان چونڊن جي سياسي اهميت ۽ نئين حڪومت جي عوامي نمائندگي بابت بحث وڌيڪ تيز ٿي سگهي ٿو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں