پاڪستان بنگلاديش کي شڪست ڏئي سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ کٽي ورتي

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) پاڪستان شاندار ڪارڪردگي جو مظاهرو ڪندي بنگلاديش کي اسٽريٽ سيٽس ۾ شڪست ڏئي سينٽرل ايشين والي بال چيمپيئن شپ پنهنجي نالي ڪري ورتي.

اسلام آباد ۾ کيڏيل چيمپيئن شپ جي فائنل ۾ پاڪستاني ٽيم بنگلاديش خلاف بهترين راند پيش ڪندي اسٽريٽ سيٽس ۾ ڪاميابي حاصل ڪئي.

فائنل ۾ پاڪستان جي ڪاميابي جو اسڪور 25-20، 25-16 ۽ 25-20 رهيو.

ٽورنامينٽ ۾ 6 ٽيمن شرڪت ڪئي، جڏهن ته پاڪستاني ٽيم سڄي ايونٽ دوران ناقابلِ شڪست رهي ۽ بنا ڪنهن هار جي ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو.

هوڏانهن ٽئين پوزيشن لاءِ کيڏيل ميچ ۾ سري لنڪا، ازبڪستان کي شڪست ڏئي ٽئين پوزيشن حاصل ڪئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں