پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي پھرين ڏينھن ٻاڙائي ڏٺي پئي وڃي.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 1022 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن بعد انڊيڪس ھڪ لک 64 ھزار 573 پوائنٽس تي اچي ويو.
اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 64 ھزار 276 وائنٽس جي ھيٺي سطح تائين آيو، جڏھن تہ ھڪ لک 64 ھزار 939 جي بلند سطح تائين بہ ويو.
واضح رھي تہ گذريل ھفتي جي آخري ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 65 ھزار 596 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.