پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج ۾ ڪاروباري ھفتي جي ٻئي ڏينھن تيزي ڏٺي پئي وڃي.
بازارِ حصص ۾ ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ۾ 2261 پوائنٽس جي گھٽتائي رڪارڊ ڪئي وئي جنھن کان پوءِ انڊيڪس ھڪ لک 74 ھزار 457 پوائنٽس تي پھچي ويو.
اڄ ھينئر تائين جي ڪاروبار دوران 100 انڊيڪس ھڪ لک 73 ھزار 405 پوائنٽس جي ھيٺئين سطح تائين آيو جڏھن تھ ھڪ لک 74 ھزار 481 جي بلند سطح تائين بھ ويو.
واضح رھي تھ گذريل ڏينھن ڪاروبار جي اختتام تي 100 انڊيڪس ھڪ لک 72 ھزار 196 پوائنٽس تي بند ٿيو ھو.
ٻئي طرف انٽر بئنڪ ۾ ڊالر ھڪ پئسو سستو ٿي 278 رپيا 90 پئسن جو ٿي ويو. گذريل ڏينھن انٽر بئنڪ ۾ ڊالر 278 رپيا 91 پئسن تي بند ٿيو ھو.