ڪراچي (ويب ڊيسڪ): پاڪستان اسٽاڪ ايڪسچينج جي هفتيوار ڪاروباري رپورٽ سامهون اچي وئي، جنهن موجب ڪاروباري هفتي دوران اسٽاڪ مارڪيٽ ۾ مثبت رجحان رهيو ۽ 100 انڊيڪس 5 هزار 335 پوائنٽس جي واڌ سان 181 هزار 430 پوائنٽس تي بند ٿيو.
رپورٽ موجب ڪاروباري هفتي دوران 100 انڊيڪس 4 هزار 963 پوائنٽس جي بينڊ ۾ رهيو، جڏهن ته انڊيڪس جي هفتيوار بلند ترين سطح 182 هزار 7 پوائنٽس ۽ گهٽ ۾ گهٽ سطح 177 هزار 43 پوائنٽس رڪارڊ ڪئي وئي.
شيئر بازار ۾ هڪ هفتي دوران 3 ارب 74 ڪروڙ شيئرز جا سودا 169 ارب رپين ۾ طئي ٿيا.
رپورٽ موجب مارڪيٽ ڪيپيٽلائيزيشن ۾ پڻ واڌ رڪارڊ ڪئي وئي ۽ اها 482 ارب رپين جي اضافي سان 20 هزار 237 ارب رپيا ٿي وئي.