آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ ھڪ ڀيرو ٻيھر پاڪستان جي وزيراعظم ۽ فيلڊ مارشل جي ساراھھ ڪئي.
آمريڪي صدر وزيراعظم شھباز شريف ۽ فيلڊ مارشل عاصم منير جي ساراھھ ڪندي چيو تھ پاڪستاني قيادت جي چوڻ تي پروجيڪٽ فريڊم روڪيو.
آمريڪي صدر ان کان اڳ بھ ڪيترن ئي موقعن تي ايران جنگ جي معاملي تي پاڪستان جي قيادت جي ساراھ ڪندو رھيو آھي ۽ ھن پاڪستان جي اپيل تي جنگبندي ۾ توسيع ڪئي ۽ ايران تي حملن کي ملتوي ڪيو.