واشنگٽن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ وڌندڙ واپاري ڇڪتاڻ تي آمريڪي عوام جي وڏي انگ خدشن جو اظهار ڪيو آهي. رائٽرز ۽ ايپسوس جي تازي سروي موجب آمريڪين جي اڪثريت صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران ڪينيڊا کان درآمد ٿيندڙ شين تي محصول وڌائڻ ۽ ليڪ اونٽاريو جو نالو تبديل ڪرڻ واري تجويز جي مخالفت ڪئي آهي.
ٽن ڏينهن تائين جاري رهندڙ راءِ شماري ۾ 57 سيڪڙو آمريڪين ڪينيڊا مان درآمد ٿيندڙ شين تي 50 سيڪڙو محصول لاڳو ڪرڻ جي مخالفت ڪئي، جڏهن ته صرف 20 سيڪڙو ماڻهن ان قدم جي حمايت ڪئي.
تقريبن 21 سيڪڙو ماڻهن ان معاملي تي ڪا راءِ ڏيڻ کان پاسو ڪيو يا چيو ته هو اڃا فيصلو نٿا ڪري سگهن.
سروي ۾ ليڪ اونٽاريو جو نالو تبديل ڪري ”ليڪ آمريڪا“ رکڻ واري تجويز بابت پڻ آمريڪين جي اڪثريت مخالفت ڪئي.
رپورٽ موجب 63 سيڪڙو آمريڪين نالو تبديل ڪرڻ واري تجويز کي رد ڪيو، جڏهن ته صرف 14 سيڪڙو ان جي حمايت ڪئي. باقي ماڻهن ڪا راءِ نه ڏني يا فيصلي بابت غيريقيني جو اظهار ڪيو.
سروي مان ظاهر ٿيو آهي ته ڪينيڊا سان واپاري ڇڪتاڻ وڌڻ تي آمريڪي عوام ۾ ڳڻتي موجود آهي.
آمريڪا ۽ ڪينيڊا وچ ۾ واپاري ڳالهيون ناڪام ٿيڻ کانپوءِ صدر ٽرمپ گذريل هفتي ڪينيڊين شين تي محصول وڌائڻ جو حڪم ڏنو هو، جنهن جي جواب ۾ ڪينيڊا به آمريڪي شين تي جوابي محصول لاڳو ڪرڻ جون تياريون شروع ڪري ڇڏيون آهن.
ٻنهي ملڪن وچ ۾ وڌندڙ واپاري تڪرار سبب اقتصادي لاڳاپن تي وڌيڪ دٻاءُ پوڻ جو خدشو ظاهر ڪيو پيو وڃي.
رپورٽن موجب ليڪ اونٽاريو جو موجوده نالو 400 سالن کان وڌيڪ عرصي کان رائج آهي، تنهن ڪري ان جو نالو تبديل ڪرڻ واري تجويز پڻ آمريڪا ۽ ڪينيڊا ۾ بحث جو موضوع بڻيل آهي.