ڊونلڊ ٽرمپ اڱاري ڏينهن ريپبلڪن جي ڪنٽرول هيٺ موجود ڪانگريس کان مطالبو ڪيو آهي ته اها آمريڪي سپريم ڪورٽ جي ان فيصلي خلاف قدم کڻي، جنهن ۾ پيدائشي شهريت جي حق کي محدود ڪرڻ بابت سندس ڪوشش رد ڪئي وئي آهي۔ هي قدم ٽرمپ جي اميگريشن مخالف منصوبن ۾ سڀ کان نمايان سمجهيو وڃي ٿو۔
ٽرمپ پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم ٽروٿ سوشل تي لکيو ته سپريم ڪورٽ پيدائشي شهريت جو حق برقرار رکيو آهي، جيڪو اسان جي ملڪ لاءِ افسوسناڪ آهي، پر اسان ڪانگريس ۾ قانونسازي ذريعي ان جو آساني سان تدارڪ ڪري سگهون ٿا۔
آمريڪي سپريم ڪورٽ اڱاري ڏينهن ٽرمپ جي پيدائشي شهريت جي حق کي محدود ڪرڻ واري ڪوشش رد ڪري ڇڏي هئي۔ جاري ڪيل هن اهم فيصلي ۾ عدالت 6 جي مقابلي ۾ 3 ووٽن جي اڪثريت سان فيصلو ڏنو ته آمريڪي سرزمين تي پيدا ٿيندڙ تقريباً سڀني ماڻهن کي آمريڪي شهريت حاصل ڪرڻ جو حق برقرار رهندو۔
ٽرمپ جو موقف آهي ته پيدائش تي شهريت ڏيڻ واري پاليسي پرڏيهين کي غير قانوني طور آمريڪا ۾ داخل ٿيڻ جي ترغيب ڏئي ٿي، جيئن سندن ٻار آمريڪي شهريت حاصل ڪري سگهن۔
ججن پنهنجي فيصلي ۾ چوڏهين ترميم جي ڊگهي عرصي کان قائم تشريح تي ڀروسو ڪيو، جيڪا گهرو ويڙهه کانپوءِ اختيار ڪئي وئي هئي، ۽ جديد وفاقي قانونن جي بنياد تي فيصلو ڏنو ته ملڪ ۾ پيدا ٿيندڙ هر شخص، تمام محدود استثنائن کانسواءِ، شهري شمار ٿيندو۔
سپريم ڪورٽ جي چيف جسٽس جان رابرٽس عدالت طرفان لکيو۽ ترميم تي ڪانگريس جي بحث جو حوالو ڏيندي چيو ته شهريت اڳ به ۽ هاڻي به اسان جي سياسي برادري ۾ آزاداڻي شرڪت جي حقن مان لطف اندوز ٿيڻ جو حق آهي۔ ايسوسيئيٽيڊ پريس موجب چوڏهين ترميم جي ٺاهيندڙن هن واعدي جو دائرو وڌايو ته جيئن هن سرزمين تي آزاد پيدا ٿيندڙ هر شخص کي شامل ڪري سگهجي۔ “اسان اڄ به ان واعدي تي قائم آهيون.”
ٽن قدامت پسند ججن جو خيال هو ته اهي پابنديون لاڳو ڪرڻ جي اجازت ڏني وڃي ها۔
جج ڪليرنس ٿامس پنهنجي 91 صفحن تي ٻڌل اختلافي نوٽ ۾، جيڪو رابرٽس جي راءِ کان ٽي ڀيرا وڌيڪ ڊگهو هو، لکيو ته عدالت اڄ صدر جي ان حڪم کي غير آئيني قرار ڏيڻ جو غير معمولي قدم کڻي رهي آهي، جنهن تحت عارضي پرڏيهي مهمانن ۽ غير قانوني پرڏيهين جي ٻارن کي شهريت کان خارج ڪيو ويو هو۔
هن وڌيڪ چيو ته ائين ڪندي عدالت چوڏهين ترميم جي تاريخ ۾ هڪ نئون فيصلو شامل ڪري رهي آهي، جيڪا اصل ۾ آزاد ڪيل ڪاري نسل جي ماڻهن لاءِ برابر حقن کي يقيني بڻائڻ لاءِ تيار ڪئي وئي هئي، پر هاڻي ان کي انهن سياسي منصوبن جي حق ۾ استعمال ڪيو پيو وڃي جن جي ري ڪنسٽرڪشن دور واري ڪانگريس حمايت نه ڪئي هئي۔
ڪيترين ئي هيٺين عدالتن صدر طرفان لاڳو ڪيل پابندين کي روڪي ڇڏيو هو، جنهن سبب اهي آمريڪا ۾ ڪٿي به لاڳو نه ٿي سگهيون۔