لائیو ٽرمپ انڊيا جي دفاع لاءِ پُرعز، فرانس ۾ جي سيون ملڪن جي اجلاس ۾ ٽرمپ هندستان ۽ مودي بابت ڇا چيو ؟

فہرستِ مضامین

 فرانس(انٽرنيشنل ڊيسڪ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ  جي هڪ بيان تي ڀارت ۾ وڏي سياسي ۽ ميڊيائي بحث ڇڙي وئي آهي، جڏهن ڪجهه ڀارتي ٽي وي چينلن ۽ اخبارن ان کي آمريڪا طرفان ڀارت جي دفاع جو هڪ مضبوط واعدو قرار ڏنو. پر ڪيترن مبصرن ۽ تجزئي نگارن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو بيان دراصل هڪ مذاق يا غير رسمي تبصرو هو، جنهن کي ڀارتي ميڊيا وڌائي پيش ڪيو.

فرانس ۾ ٿيل جي-7 اجلاس جي موقعي تي ٽرمپ ۽ ڀارتي وزيراعظم نريندر مودي جي ملاقات دوران هڪ صحافي آمريڪا ۽ ڀارت جي دفاعي لاڳاپن بابت سوال ڪيو. ان تي ٽرمپ چيو تہ جيڪڏهن ڀارت تي حملو ٿيو ته اسان مدد لاءِ موجود هونداسين.

پر ان کان پوءِ هن کلندي ۽ مذاق واري انداز ۾ وڌيڪ چيو تہ جيڪڏهن ڪو هن شخص (مودي) تي حملو ڪندو ته اسان گڏ هوندا سين، پر جيڪڏهن ڪو نئون اڳواڻ اچي ويو ته پوءِ پڪ ناهي.

ڪجهه ڀارتي ٽي وي چينلن ۽ مبصرن هن بيان کي اهڙي نموني پيش ڪيو ڄڻ آمريڪا ڀارت کي باضابطه دفاعي ضمانت ڏئي ڇڏي هجي. ڪجهه اينڪرن ان کي “تاريخي اعلان” ۽ “آمريڪي سلامتي جي ضمانت” به قرار ڏنو. پر ڪيترن تجزئي نگارن نشاندهي ڪئي ته ٽرمپ جي ڳالهه هڪ رسمي معاهدي يا دفاعي اتحاد جو اعلان نه هئي.

بين الاقوامي لاڳاپن جي ماهرن موجب آمريڪا ۽ ڀارت وچ ۾ ويجها فوجي ۽ اسٽريٽجڪ لاڳاپا ضرور آهن، پر ٻنهي ملڪن وچ ۾ اهڙو ڪو دفاعي معاهدو موجود ناهي جهڙو NATO جي ميمبر ملڪن وچ ۾ هوندو آهي، جنهن تحت هڪ ملڪ تي حملو سڀني تي حملو تصور ڪيو ويندو آهي.

پرڏيهي معاملن جي ڪجهه ماهرن جو چوڻ آهي ته ٽرمپ جو انداز هميشه غير رسمي ۽ مذاق وارو رهيو آهي. انهن موجب سندس بيان کي لفظي معنيٰ ۾ وٺڻ صحيح نه هو. ڪجهه مبصرن ته اهو به چيو ته ڀارتي ميڊيا ٽرمپ جي هڪ هلڪي ڦلڪي ڳالهه کي آمريڪي سلامتي جي ضمانت طور پيش ڪري عوام کي غلط تاثر ڏنو.

هي بحث اهڙي وقت سامهون آيو آهي جڏهن واشنگٽن ۽ نئين دهلي وچ ۾ واپاري اختلاف به موجود آهن. ٽرمپ انتظاميا ڀارت تي ٽيرف لاڳو ڪرڻ، روس کان تيل ۽ هٿيار خريد ڪرڻ تي تنقيد ڪرڻ ۽ ڏکڻ ايشيا بابت مختلف بيان ڏيڻ سبب اڳ ئي تڪرارن جو سبب بڻجي چڪي آهي. ساڳئي وقت ٻنهي ملڪن وچ ۾ دفاعي تعاون ۽ اسٽريٽجڪ شراڪت جاري آهي.

بي بي سي ۽ ٻين تجزين موجب ٽرمپ جو بيان آمريڪا طرفان ڀارت جي دفاع جو ڪو رسمي واعدو نه هو، بلڪه مودي سان سندس ذاتي قربت جي حوالي سان ڪيل هڪ غير رسمي ۽ مزاحيه تبصرو هو. تنهن هوندي به ڀارتي ميڊيا جي هڪ حصي ان کي آمريڪي سلامتي جي ضمانت طور پيش ڪيو، جنهن سبب سياسي ۽ سفارتي حلقن ۾ بحث شروع ٿي ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں