ٻيو ٽي ٽوئنٽي: سريلنڪا وومين پاڪستان کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز کٽي ورتي

فہرستِ مضامین

ڪولمبو (ويب ڊيسڪ) سريلنڪا وومين ڪرڪيٽ ٽيم ٻئي ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان وومين کي 6 وڪيٽن تان شڪست ڏئي ٽن ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي فيصلائتي برتري حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

پاڪستان وومين پهريان بيٽنگ ڪندي مقرر 20 اوورن ۾ 5 وڪيٽن جي نقصان تي 175 رنسون ٺاهيون ۽ سريلنڪا کي کٽڻ لاءِ 176 رنسن جو هدف ڏنو.

جواب ۾ سريلنڪا وومين شاندار بيٽنگ جو مظاهرو ڪندي 17.4 اوورن ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي هدف حاصل ڪري ورتو.

هن ڪاميابي سان سريلنڪا وومين ٽن ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز ۾ 2-0 جي ناقابلِ شڪست برتري حاصل ڪري سيريز پنهنجي نالي ڪري ورتي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں