ٻيو ٽيسٽ: ٽئين ڏينهن ويسٽ انڊيز 6 وڪيٽن تي 103 رنسون، پاڪستان خلاف 60 رنسن جي برتري حاصل

فہرستِ مضامین

عبدالله شفيق جي شاندار 160 رنسن باوجود پاڪستان دٻاءَ ۾، ساجد خان 4 وڪيٽون ورتيون

پورٽ آف اسپين: پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ جاري ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز ۾ 6 وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهي پاڪستان خلاف 60 رنسن جي مجموعي برتري حاصل ڪري ورتي آهي.

ٽئين ڏينهن پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز 266 رنسون ٻن وڪيٽن جي نقصان کان ٻيهر شروع ڪئي. ڪپتان بابر اعظم 88 رنسون ٺاهي رن آئوٽ ٿي ويو، جڏهن ته ڊيبيو ڪندڙ اويس ظفر هڪ، سلمان علي آغا بنا کاتو کولڻ جي ۽ محمد رضوان 18 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيا.

عبدالله شفيق شاندار بيٽنگ ڪندي ناقابلِ شڪست 160 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ساجد خان 30 ۽ علي عثمان 10 رنسون اسڪور ڪيون. عبيد شاهه ۽ محمد علي بنا ڪا رن ٺاهڻ جي آئوٽ ٿيا، جنهن کانپوءِ پاڪستان جي سموري ٽيم 387 رنسن تي آئوٽ ٿي وئي ۽ پهرين اننگز ۾ 43 رنسن جي برتري حاصل ڪئي.

جواب ۾ ويسٽ انڊيز پنهنجي ٻي اننگز جو آغاز 43 رنسن جي خساري سان ڪيو، پر پاڪستاني بالرن شروعاتي بيٽرن کي جلد آئوٽ ڪري ميزبان ٽيم تي دٻاءُ وڌو.

ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تائين ويسٽ انڊيز 6 وڪيٽن جي نقصان تي 103 رنسون ٺاهي ورتيون، جنهن سان ميزبان ٽيم کي پاڪستان خلاف 60 رنسن جي برتري حاصل ٿي وئي. ويسٽ انڊيز طرفان ڪيوم هوج 34 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته روسٽن چيس 17 رنسون ٺاهي ڏينهن جي آخري بال تي آئوٽ ٿيو.

پاڪستان طرفان ٻي اننگز ۾ ساجد خان بهترين بالنگ ڪندي 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته علي عثمان 2 رانديگرن کي پويلين موڪليو.

واضح رهي ته سيريز جي پهرين ٽيسٽ ۾ ويسٽ انڊيز پاڪستان کي شڪست ڏئي ٻن ميچن جي سيريز ۾ 1-0 جي برتري حاصل ڪري چڪو آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں