پورٽ آف اسپين (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ۽ ويسٽ انڊيز وچ ۾ جاري ٻن ٽيسٽ ميچن جي سيريز جي ٻئي ۽ آخري ٽيسٽ جي ٻئي ڏينهن جي پڄاڻي تي پاڪستان پنهنجي پهرين اننگز ۾ 2 وڪيٽن جي نقصان تي 266 رنسون ٺاهي ورتيون. عبدالله شفيق شاندار سينچري مڪمل ڪئي، جڏهن ته بابر اعظم ۽ اذان اويس به بهترين بيٽنگ جو مظاهرو ڪيو.
ٻئي ڏينهن ويسٽ انڊيز پنهنجي پهرين اننگز 239 رنسون ۽ 5 آئوٽ تان ٻيهر شروع ڪئي، پر لنچ کان اڳ سڄي ٽيم 344 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿي وئي.
ويسٽ انڊيز طرفان جسٽن گريوز 73 ۽ روسٽن چيس 70 رنسون ٺاهي نمايان رهيا. پاڪستان طرفان ساجد خان 4 وڪيٽون ورتيون، جڏهن ته محمد علي، عبيد شاهه ۽ علي عثمان ٻه، ٻه وڪيٽون حاصل ڪيون.
جواب ۾ پاڪستان جي اننگز جي شروعات امام الحق ۽ اذان اويس ڪئي، ٻنهي پهرين وڪيٽ لاءِ 34 رنسون جو اضافو ڪيو. امام الحق 14 رنسون ٺاهي شيمار جوزف جو شڪار بڻيو.
اذان اويس بهترين بيٽنگ ڪندي 55 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته ٽئين وڪيٽ لاءِ عبدالله شفيق ۽ بابر اعظم وچ ۾ 168 رنسن جي ناقابلِ شڪست ڀائيواري قائم ٿي.
ان دوران عبدالله شفيق پنهنجي ٽيسٽ ڪيريئر جي ڇهين سينچري مڪمل ڪئي.
ٻئي ڏينهن جي راند ختم ٿيڻ تائين عبدالله شفيق 107 ۽ بابر اعظم 86 رنسن سان ڪريز تي موجود هئا، جڏهن ته پاڪستان کي ويسٽ انڊيز جي پهرين اننگز جي اسڪور تائين پهچڻ لاءِ اڃا 78 رنسن جي ضرورت آهي.