وزيراعظم شھباز شريف چئن ڏينھن جي دوري تي چين روانو

فہرستِ مضامین

وزيراعظم شھباز شريف چئن ڏينھن جي سرڪاري دوري تي چين روانو ٿي ويو آھي.

وزیراعظم شهباز شريف چين جي چئن ڏينهن جي دوري جي پهرين مرحلي ۾ هانگزو روانو ٿيو، نائب وزيراعظم اسحق ڊار، وزير منصوبابندي احسن اقبال، وزير اطلاعات عطا تارڙ، وزير آءِ ٽي شهزہ فاطمه ۽ معاون خاص طارق فاطمي به وزیراعظم سان گڏ چين لاءِ روانا ٿيا آهن.

پرڏيھي ترجمان موجب وزیراعظم اڄ کان 26 مئي تائين چين جو دورو ڪندو جنھن جو مقصد ٻطرفہ لاڳاپا، سياسي رابطي ۽ معاشي تعاون کي مضبوط ڪرڻ آهي.

ترجمان چيو ته وزیراعظم هانگزو ۾ ژيجيانگ صوبي جي پارٽي سيڪريٽري سان ملاقات ڪدو، ۽ چين جي دوري دوران وچ اوڀر جي صورتحال تي به ڳالهه ٻولهه متوقع آهي؛ چين پاڪستان جي سفارتي ڪوششن جي حمايت ڪري چڪو آهي ته جيئن تڪرار جو حل پيدا ڪري سگهجي.

پرڏيھي ترجمان مطابق پاڪستاني وفد سي پيڪ فيز 2 تحت پاڪستان ۽ چيني ڪمپنين وچ ۾ تعاون کي ھٿي وٺرائڻ لاءِ بزنس فورم، معاھدن ۽ مفاھمتي يادداشتن جي ڏي وٺ جي تقريبن ۾ بہ شرڪت ڪندو.

ان کان علاوھ وزيراعظم جي ناليوارين چيني ڪمپنين جي سي اي اوز سان ملاقات بہ ٿيندي ۽ ھو چيني ڪمپني جي ھيڊ ڪوارٽر سميت چائنہ اڪيڊمي آف ايگري ڪلچر سائنسز جو دورو بہ ڪندو، بعد ۾ وزيراعظم بيجنگ دوري لاءِ روزانو ٿيندو جتي چيني صدر شي جن پنگ ۽ وزيراعظم لي چيانگ سان ملاقاتون ڪندو.

بعد ۾ شھباز شريف پاڪ چين سفارتي تعلقات جي 75ھين سالگرھ بابت تقريب ۾ بہ شرڪت ڪندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں