وزيراعظم جي هدايت تي ايم ڊي ڪيٽ امتحان ملتوي، هاڻي 20 سيپٽمبر تي ٿيندو

فہرستِ مضامین

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) وزيراعظم شهباز شريف جي هدايت تي ايم ڊي ڪيٽ 2026 جو امتحان ملتوي ڪري ڇڏيو آهي. نئين شيڊول موجب امتحان هاڻي 16 آگسٽ بدران 20 سيپٽمبر 2026ع تي ورتو ويندو.

پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل (PMDC) پاران جاري ڪيل پڌرائي موجب، ايم ڊي ڪيٽ 2026 جي تاريخ تبديل ڪرڻ جو فيصلو امتحان کي وڌيڪ منظم، محفوظ، شفاف ۽ اميدوارن لاءِ آسان بڻائڻ جي مقصد سان ڪيو ويو آهي.

پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته امتحان جي تاريخ کان سواءِ ٻيون سموريون شرطون، ضابطا ۽ امتحاني انتظام اڳ وانگر برقرار رهندا.

ڪائونسل موجب، جيڪڏهن مستقبل ۾ امتحان بابت ڪنهن به قسم جي وڌيڪ تبديلي جي ضرورت پئي ته ان بابت الڳ سرڪاري اطلاع جاري ڪيو ويندو.

پي ايم ڊي سي سڀني اميدوارن، والدين، تعليمي ادارن ۽ ٻين لاڳاپيل ڌرين کي هدايت ڪئي آهي ته هو تازي معلومات، هدايتن ۽ اعلانن لاءِ ڪائونسل جي سرڪاري ويب سائيٽ ۽ سرڪاري ذريعن سان رابطي ۾ رهن.

ڪائونسل امتحان جي تاريخ تبديل ٿيڻ سبب اميدوارن کي پيش ايندڙ ممڪن تڪليف تي افسوس جو اظهار ڪندي سڀني اسٽيڪ هولڊرز جي سهڪار ۽ سمجهه جي واکاڻ پڻ ڪئي آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں