ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027ع جي فائنل جي ميزباني لارڊز کان واپس، دي اوول کي ڏني وئي

فہرستِ مضامین

انٽرنيشنل ڪرڪيٽ ڪائونسل (آءِ سي سي) ايندڙ ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ 2027ع جي فائنل جي ميزباني تاريخي لارڊز ڪرڪيٽ گرائونڊ کان واپس وٺي دي اوول جي حوالي ڪرڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آهي.

آءِ سي سي موجب، ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو فائنل 9 کان 13 جون 2027ع تائين لنڊن جي دي اوول گرائونڊ ۾ کيڏيو ويندو.

آءِ سي سي گذريل سال اعلان ڪيو هو ته 2027ع، 2029ع ۽ 2031ع جي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ فائنلز جي ميزباني انگلينڊ کي ڏني وئي آهي، جڏهن ته هر ايڊيشن لاءِ ميزبان گرائونڊ چونڊڻ جو اختيار انگلينڊ اينڊ ويلز ڪرڪيٽ بورڊ (ECB) وٽ هوندو.

رپورٽن موجب، اميد ظاهر ڪئي پئي وئي ته 2027ع جو فائنل به گذريل ڀيري وانگر تاريخي لارڊز ۾ ٿيندو، پر انگلينڊ ڪرڪيٽ بورڊ ان جي بدران دي اوول کي ميزبان بڻائڻ جو فيصلو ڪيو.

رپورٽ موجب، ان فيصلي جو هڪ اهم سبب لارڊز جي پچن جي معيار بابت خدشا آهن. گذريل مهيني انگلينڊ ۽ نيوزيلينڊ وچ ۾ ٿيل ٽيسٽ ميچ کانپوءِ پچ کي غير تسلي بخش قرار ڏنو ويو هو، جنهن تي آءِ سي سي پهريون ڀيرو لارڊز کي ڊي ميرٽ پوائنٽ به ڏنو.

واضح رهي ته دي اوول ٻيو ڀيرو ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جي فائنل جي ميزباني ڪندو. ان کان اڳ 2023ع ۾ به فائنل هتي کيڏيو ويو هو، جتي آسٽريليا ڀارت کي شڪست ڏئي ورلڊ ٽيسٽ چيمپيئن شپ جو ٽائيٽل پنهنجي نالي ڪيو هو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں