هرمز ۾ “پروجيڪٽ فريڊم”: ٽرمپ جي نئين گيم، ايران سان تڪرار گهٽجندو يا نئون خطرو وڌندو؟

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته آمريڪا سومر کان  هرمز ۾ ڦاٿل بحري جهازن کي ٻاهر ڪڍڻ ۾ مدد ڪندو.

هن سوشل ميڊيا تي هڪ پوسٽ ۾ لکيو ته “ايران، وچ اوڀر ۽ آمريڪا جي ڀلائي لاءِ، اسان انهن ملڪن کي ٻڌايو آهي ته اسان سندن جهازن کي انهن محدود سامونڊي رستن مان محفوظ طريقي سان ٻاهر ڪڍنداسين، ته جيئن اهي آزاداڻي ۽ اثرائتي انداز ۾ پنهنجو ڪاروبار جاري رکي سگهن.”

تنهن هوندي به، ٽرمپ واضح نه ڪيو ته هو ڪهڙن ملڪن جي ڳالهه ڪري رهيو آهي.

هن ان منصوبي کي “پروجيڪٽ فريڊم” جو نالو ڏيندي چيو ته جيڪڏهن هن عمل ۾ ڪا به مداخلت ڪئي وئي ته “سختي سان منهن ڏنو ويندو.”

فيبروري ۾ جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ ايران هن اهم سامونڊي لنگهه مان آمدورفت کي تمام گهڻو محدود ڪري ڇڏيو آهي، جڏهن ته آمريڪا ايراني بندرگاهن تي سامونڊي ناڪابندي به لاڳو ڪري چڪو آهي.

پنهنجي بيان ۾ ٽرمپ اهو به چيو ته آمريڪي نمائندا ايران سان “تمام مثبت” ڳالهيون ڪري رهيا آهن، ۽ اهي ڳالهيون “سڀني لاءِ ڪنهن سٺي نتيجي” تائين پهچي سگهن ٿيون.

هن وڌيڪ چيو ته هي قدم آمريڪا، ايران ۽ وچ اوڀر جي ٻين ملڪن طرفان “انساني همدردي جو هڪ اشارو” هوندو، پر هن انهن ملڪن جا نالا ظاهر نه ڪيا.

آمريڪي صدر اهو به واضح نه ڪيو ته تهران سان تعاون ڪهڙي طريقي سان ٿيندو.

ٽرمپ موجب،“اسان تيسين واپس نه اينداسين، جيستائين اهو علائقو جهازن لاءِ مڪمل طور محفوظ نه ٿي وڃي۔ جهازن جي حرڪت جو مقصد صرف انهن ماڻهن، ڪمپنين ۽ ملڪن کي آزادي ڏيارڻ آهي، جن ڪو به غلط ڪم نه ڪيو آهي.”

آمريڪي سينٽرل ڪمانڊ  چيو آهي ته “پروجيڪٽ فريڊم” ۾ 15 هزار اهلڪار، گائيڊڊ ميزائل ڊيسٽرائر جهاز ۽ 100 کان وڌيڪ جهاز شامل هوندا.

ايران سان جنگ شروع ٿيڻ کان پوءِ اندازي موجب لڳ ڀڳ 20 هزار سامونڊي عملي جا ماڻهو (جن کي سيلر چيو وڃي ٿو) ايراني نار ۾ ڦاٿل آهن۔ رسد جي کوٽ ۽ انهن جي جسماني توڙي ذهني صحت بابت خدشا تيزي سان وڌي رهيا آهن.

دنيا جو تقريباً 20 سيڪڙو تيل ۽ مائع قدرتي گئس (Liquefied Natural Gas) عام طور هن سامونڊي لنگھ مان گذري ٿي، ۽ هن تڪرار عالمي توانائي جي قيمتن ۾ تيز اضافو آڻي ڇڏيو آهي.

آچر جي رات، UK Maritime Trade Operations اطلاع ڏني ته  هرمز ۾ هڪ ٽينڪر کي “نامعلوم ميزائل” سان نشانو بڻايو ويو، جڏهن ته عملي جا سڀئي ماڻهو محفوظ رهيا. اهڙو اعلان ان وقت  سامهون آيو جڏهن ايران سان لاڳاپيل سرڪاري ميڊيا ٻڌايو ته تهران کي پنهنجي تازي امن منصوبي تي آمريڪا جو جواب ملي ويو آهي.

ايران جي نيم سرڪاري خبر ايجنسي تسنيم نيوز ايجنسي رپورٽ ڏني ته ايران موجب اهو جواب پاڪستان ذريعي پهچايو ويو آهي ۽ هن وقت ان جو جائزو ورتو پيو وڃي.

آمريڪا اڃا تائين سرڪاري طور تي ان ڳالهه جي تصديق نه ڪئي آهي ته هن ايران کي ڪو جواب ڏنو آهي، جڏهن ته رپورٽن موجب ڊونلڊ ٽرمپ آچر تي اسرائيلي چينل Kan News کي ٻڌايو ته اهو منصوبو سندس لاءِ ناقابل قبول آهي.

ايراني سرڪاري ميڊيا موجب، تهران جي 14 نقطن تي ٻڌل امن منصوبي ۾ واشنگٽن کان مطالبو ڪيو ويو ته هو ايران جي سرحدن ڀرسان پنهنجون فوجون واپس گهرائي ۽ ايراني بندرگاهن تي لڳايل سامونڊي ناڪابندي ختم ڪري، جڏهن ته لبنان ۾ اسرائيلي ڪارروائي سميت هر قسم جي جنگ بند ڪئي وڃي.

هن منصوبي ۾ اهو به چيو ويو ته ٻنهي ملڪن وچ ۾ 30 ڏينهن اندر هڪ معاهدو طئي ڪيو وڃي.

ايراني ميڊيا موجب، منصوبي ۾ ٻنهي ڌرين تي زور ڏنو ويو آهي ته هو رڳو جنگبندي وڌائڻ بدران “جنگ جي مڪمل خاتمي” تي ڌيان ڏين.

ايران جي پرڏيهي وزارت جي ترجمان اسماعيل بقائي جي حوالي سان چيو ويو ته “هن مرحلي تي اسان ايٽمي هٿيارن بابت ڳالهيون نه ڪنداسين”، جڏهن ته اهو ئي آمريڪا جو بنيادي مطالبو آهي.

ايران بار بار ان ڳالهه جي ترديد ڪندو رهيو آهي ته هو ايٽمي بم ٺاهڻ جي ڪوشش ڪري رهيو آهي ۽ چوندو رهيو آهي ته سندس پروگرام رڳو پرامن مقصدن لاءِ آهي، جيتوڻيڪ اهو واحد غير ايٽمي ملڪ آهي جنهن تقريباً هٿيارن جي سطح تائين يورينيم افزودگي ڪئي آهي.

ڇنڇر ڏينهن ڊونلڊ ٽرمپ تصديق ڪئي ته واشنگٽن کي ايران جو تازو امن منصوبو ملي چڪو آهي.

هن پنهنجي سوشل ميڊيا پليٽفارم Truth Social تي لکيو ته هو منصوبي جو جائزو وٺندو، پر “هو تصور به نٿو ڪري سگهي ته اهو قابل قبول هوندو، ڇاڪاڻ ته ايران گذريل 47 سالن دوران انسانيت ۽ دنيا سان جيڪو ڪجهه ڪيو آهي، ان جي اڃا تائين وڏي قيمت ادا نه ڪئي وئي آهي.”

ساڳئي ڏينهن صحافين سان ڳالهائيندي ٽرمپ چيو ته کيس “معاهدي جي خاڪي” بابت ڄاڻ ڏني وئي آهي ۽ هاڻي ان کي لکت ۾ ڏنو ويندو، جڏهن بي بي سي طرفان پڇيو ويو ته ڇا ايران اندر هدفن تي فوجي حملا ٻيهر شروع ٿي سگهن ٿا؟ ته ٽرمپ جواب ڏنو: “اهو ممڪن آهي.”

هن وڌيڪ چيو: “جيڪڏهن هو خراب رويو اختيار ڪن يا ڪو غلط قدم کڻن ته پوءِ، پر في الحال اسان ڏسنداسين.”

آمريڪي صدر مڪمل طور تي تڪرار کان پري ٿيڻ لاءِ تيار نظر نه آيو۔ هن چيو: “اسان وڃي نه رهيا آهيون، ۽ اسان اهو ڪم ڪنداسين ته جيئن ٻه يا پنج سال پوءِ ٻيهر واپس اچڻ جي ضرورت نه پوي.”

ايراني سرڪاري ذريعن موجب، تهران جي تازي آڇ آمريڪا جي نو نقطن واري منصوبي جي جواب ۾ هئي، جنهن ۾ ٻن مهينن جي جنگبندي جي تجويز ڏني وئي هئي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں