اسلام آباد: (بيورورپورٽ) قومي احتساب بيورو (نيب) جي قانون ۾ تازي ترميم کانپوءِ اڳوڻي وزيراعظم ۽ پاڪستان تحريڪ انصاف (پي ٽي آءِ) جي باني عمران خان سميت سڀني نيب ڪيسن ۾ آخري اپيل جو فورم تبديل ٿي ويو آهي. نئين قانون موجب هاڻي هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف ٻي اپيل سپريم ڪورٽ بدران وفاقي آئيني عدالت ۾ داخل ڪئي ويندي، جنهن سان عمران خان خلاف هلندڙ احتساب ڪيسن، خاص طور 190 ملين پائونڊ (القادر ٽرسٽ) ريفرنس تي اهم قانوني اثر پوندا.
نيب (ترميمي) ايڪٽ 2026ع تحت قانون ۾ نئين شق 32-A شامل ڪئي وئي آهي، جنهن موجب هاءِ ڪورٽ جي فيصلي کان متاثر ڪو به ڌر يا چيئرمين نيب جي هدايت تي پراسيڪيوٽر جنرل احتساب، 30 ڏينهن اندر وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻي اپيل داخل ڪري سگهي ٿو.
قانوني ذريعن موجب هن ترميم کان اڳ نيب ڪيسن ۾ هاءِ ڪورٽ جي فيصلي خلاف آخري اپيل سپريم ڪورٽ ۾ ٿيندي هئي، پر هاڻي اهو اختيار وفاقي آئيني عدالت کي منتقل ڪيو ويو آهي. اها تبديلي ملڪ جي عدالتي ڍانچي ۾ آيل آئيني سڌارن کانپوءِ پهريون وڏو قدم قرار ڏنو پيو وڃي.
ذريعن موجب پي ٽي آءِ قيادت جو خيال آهي ته هي ترميم خاص طور عمران خان جي جاري احتساب ڪيسن کي نظر ۾ رکي ڪئي وئي آهي، ڇاڪاڻتہ سندس سياسي ۽ قانوني مستقبل گهڻي حد تائين انهن ڪيسن جي نتيجن سان جڙيل آهي.
قانوني ماهرن موجب جيڪڏهن 190 ملين پائونڊ (القادر ٽرسٽ) ڪيس يا ڪنهن ٻئي نيب ريفرنس ۾ هاءِ ڪورٽ سزا برقرار رکي ٿي يا ڪو ٻيو فيصلو ڏئي ٿي، ته عمران خان جي آخري قانوني اپيل هاڻي سپريم ڪورٽ بدران وفاقي آئيني عدالت ۾ ٻڌڻي لاءِ ويندي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته هن ترميم سان نيب قانون ۾ احتساب جي نوعيت يا سزا بابت بنيادي قانوني شقن ۾ ڪا تبديلي نه آئي آهي، پر صرف آخري اپيل ٻڌڻ واري عدالت تبديل ڪئي وئي آهي. بهرحال، قانوني ۽ سياسي حلقن جو خيال آهي ته هن تبديلي جا ايندڙ مهينن ۽ سالن دوران ملڪ جي سياسي صورتحال ۽ احتساب واري عمل تي اهم اثر پئجي سگهن ٿا.