”نفرت ۽ لساني ورهاست جي سياست عوام رد ڪري ڇڏي“، مصطفيٰ ڪمال کي شرجيل ميمڻ جو جواب

فہرستِ مضامین

ڪراچي(بيورو رپورٽ): سنڌ جي سينيئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ ايم ڪيو ايم اڳواڻ مصطفيٰ ڪمال جي بيان تي سخت ردعمل ڏيندي چيو آهي ته نفرت ۽ لساني تقسيم جي سياست هاڻي عوام رد ڪري چڪو آهي، جڏهن ته شهرين ۽ ٻهراڙيءَ ۾ فرق پيدا ڪرڻ جي ڪوشش ڪندڙن کي عوام اڳ به سياسي طور دفن ڪيو ۽ هاڻي به ڪندو.

هڪ بيان ۾ شرجيل انعام ميمڻ چيو ته مصطفيٰ ڪمال به نفرت کي هوا ڏئي لنڊن واري جو گادي نشين بڻجڻ چاهي ٿو، پر ڪجهه ناڪاري مثالن ۽ ڪوڙن دعوائن سان حقيقت تبديل نٿي ڪري سگهجي.

هن چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي سدائين نفرت جون ڀتيون ڊاهي آهن، جڏهن ته مخالفن هر دور ۾ عوام کي ورهائڻ ۽ تقسيم جي سياست جو دڪان هلائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي.

شرجيل ميمڻ چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل ۽ پاڪستان جي معيشت جي شاهه رڳ آهي، جڏهن ته ڪراچي کي دنيا آڏو دهشت سان بدنام ڪندڙ هاڻي وفاق جي پويان پيا لڪي رهيا آهن.

سينيئر وزير چيو ته ايم ڪيو ايم جي سياست سدائين تقسيم، نفرت ۽ لساني فرق جي چوڌاري ڦرندي رهي آهي، پر عوام سندن ڪوڙي موقف ۽ سياسي مداري پڻي کي چڱيءَ ريت سمجهي چڪو آهي. انتظامي فيصلن کي لساني رنگ ڏيڻ اصل ۾ ناڪام سياست کي ٻيهر جيئارڻ جي ڪوشش آهي.

شرجيل انعام ميمڻ چيو ته پاڪستان پيپلز پارٽي کي 18 ورهين جو طعنو ڏيندڙن کي عوام رد ڪري ڇڏيو، جڏهن ته ان جي ابتڙ عوام هر اليڪشن ۾ پيپلز پارٽي کي سرخرو ڪيو آهي.

هن چيو ته ڪراچي سنڌ جي دل آهي ۽ رهندي، ڪنهن کي به پنهنجي وقتي مفادن لاءِ عوام کي ورهائڻ جي اجازت نٿي ڏئي سگهجي. پيپلز پارٽي بنا ڪنهن فرق جي سنڌ جي سمورن شهرين کي ترقي جا موقعا فراهم ڪيا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته وفاق کي ڳنڍڻ واري پارٽي کي ڪراچي ورهائڻ جو ذميوار قرار ڏيڻ کل جوڳي ڳالهه آهي. پيپلز پارٽي ڪراچي سميت سڄي صوبي جي عوام جي خدمت کي پنهنجو مشن سمجهي ٿي ۽ سدائين نفرت جي سياست کي شڪست ڏئي امن، ترقي ۽ ڀائيچاري کي هٿي ڏني آهي.

شرجيل ميمڻ سوال ڪيو ته عوام ڄاڻي ٿو ته سندن ٻارن جي هٿن ۾ بندوقون ڏئي ڪنهن سندن مستقبل برباد ڪيو؟ مصطفيٰ ڪمال ٻڌائي ته لساني تقسيم، ٻوري بند لاش، ڀتي خوري ۽ ٽارگيٽ ڪلنگ ڪنهن جي سڃاڻپ هئي؟

سينيئر وزير چيو ته سنڌ صدين کان مختلف ٻوليون ڳالهائيندڙ ماڻهن جو گهر آهي، جڏهن ته مصطفيٰ ڪمال جهڙا سياستدان پنهنجي سياسي مقصدن لاءِ نفرت کي هوا ڏئي رهيا آهن.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں