لاھور: فاسٽ بالر نسيم شاھ انجري سبب اڻڄاتل مدي تائين پي ايس ايل کان ٻاھر ٿي ويو آھي.
پي ايس ايل فرنچائز راولپنڊي بہ نسيم شاھ جي اڻڄاتل مدي تائين پي ايس ايل کان ٻاھر ٿيڻ جي تصديق ڪري ڇڏي آھي.
راولپنڊي پنڊيز انتظامہ جو چوڻ آھي تہ فاسٽ بالر نسيم شاھ ڪراچي ڪنگز خلاف سائيڊ انجري جو شڪار ٿيو ھو، انجري سبب نسيم شاھ اڻڄاتل مدي تائين ٽيم کان ٻاھر ٿي ويو آھي.
ٽيم انتظاميہ جو چوڻ آھي تہ ٽيم جو ميڊيڪل اسٽاف فاسٽ بالر جي ريڪوري کي مانيٽر ڪري رھيو آھي، اميد آھي تہ نسيم شاھ فٽنس ڪليئرنس بعد ٽورنامينٽ جي آخري مرحلي ۾ واپسي ڪري سگھندو
انتظامہ جو چوڻ آھي تہ نسيم شاھ جي گڏ بيٺل احيون ۽ ان جي مڪمل سپورٽ جاري آھي……