اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مالي سال 2025-26ع دوران نجي شعبي کي ڏنل قرضن ۾ لڳ ڀڳ 15 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جيڪا گذريل چئن سالن جي بلند ترين سطح آهي.
ناڻي واري وزير جي صلاحڪار خرم شهزاد چيو آهي ته مالي سال 2025-26ع دوران نجي شعبي کي فراهم ڪيل قرضن جو مجموعي حجم 11.38 کرب رپين تائين پهچي ويو آهي.
هن چيو ته نجي شعبي کي مالي سهڪار ملڻ سبب ڪاروباري، صنعتي ۽ پيداواري سرگرمين ۾ واضح بهتري آئي آهي، جڏهن ته 89 سيڪڙو نوان قرض مينوفيڪچرنگ، ٿوڪ ۽ پرچون واپار، ۽ زراعت جي شعبن کي جاري ڪيا ويا.
خرم شهزاد موجب صرف مينوفيڪچرنگ شعبي کي 657 ارب رپين جا نوان قرض فراهم ڪيا ويا، جيڪي صنعتي سرگرمين ۽ پيداواري صلاحيت ۾ واڌ جي عڪاسي ڪن ٿا.
هن وڌيڪ چيو ته واپار ۽ زراعت جي شعبن کي مالي سهڪار ڏيڻ سان پيداوار، ڪاروباري سرگرمين ۽ نجي سيڙپڪاري ۾ بهتري آئي آهي.
سندس چوڻ هو ته نجي شعبي ۾ قرضن جي وڌندڙ فراهمي ڪاروباري اعتماد، معاشي استحڪام ۽ اقتصادي سرگرمين ۾ مثبت اڳڀرائي جو واضح ثبوت آهي.