مير رضا ڪيس مڪمل طور ٽريس ڪري ورتو آهي، جلد حقيقتون سامهون آڻينداسين: آءِ جي سنڌ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (ويب ڊيسڪ): آءِ جي سنڌ جاويد عالم دعويٰ ڪئي آهي ته نوجوان واپاري مير رضا جي موت واري ڪيس جا سمورا پاسا ٽريس ڪيا ويا آهن ۽ پوليس جلد پريس ڪانفرنس ذريعي جاچ جا تفصيل عوام آڏو پيش ڪندي. ٻئي طرف مير رضا جي والد جاچ تي اعتراض اٿاريندي شفاف تحقيق ۽ انصاف جو مطالبو ڪيو آهي.

آءِ جي سنڌ جاويد عالم پنهنجي بيان ۾ چيو آهي ته پوليس مير رضا جي موت واري ڪيس تي وڏي محنت سان جاچ ڪئي آهي ۽ ڪيس جا سمورا رخ ٽريس ڪري ورتا آهن.

هن چيو ته پوليس جلد پريس ڪانفرنس ڪندي، جنهن دوران ڪيس بابت مڪمل حقيقتون ۽ جاچ جا نتيجا ميڊيا آڏو پيش ڪيا ويندا. سندس چوڻ هو ته جاچ دوران پوليس ڪنهن به قسم جي لاپرواهي نه ڪئي آهي.

هوڏانهن مير رضا جي والد مير حسين جاچ تي تحفظات ظاهر ڪندي الزام هنيو ته سندن پٽ جي قتل جي معاملي ۾ جاچ صحيح رخ ۾ نه پئي هلي.

هن چيو ته هو قتل جي جاچ جو مطالبو ڪري رهيا آهن، پر تحقيق جو رخ ڪجهه ٻيو اختيار ڪيو ويو آهي. سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن قرض هجڻ کي سبب بڻايو پيو وڃي ته پوءِ سڄو ملڪ به قرض هيٺ آهي.

مير حسين وڌيڪ چيو ته پوسٽ مارٽم ڪندڙ ڊاڪٽر جي غيرحاضري به ڪيترائي سوال پيدا ڪري ٿي، جڏهن ته پوليس اڃا تائين سندن باقاعده بيان به رڪارڊ ناهي ڪيو.

سندس الزام هو ته پوليس کين ذاتي طور هڪ ڳالهه ٻڌائي ٿي، جڏهن ته ميڊيا آڏو ٻي ڳالهه ڪئي وڃي ٿي. هن چيو ته ميڊيا تي خبرون نشر ٿيڻ کانپوءِ کين جاچ رپورٽ فراهم ڪئي وئي، جڏهن ته سندن خاندان اڳ ئي سخت تڪليف ۾ آهي ۽ هو صرف شفاف جاچ ۽ انصاف چاهي ٿو.

واضح رهي ته مير رضا جي والد اڳ ۾ ئي پوسٽ مارٽم ٻيهر ڪرائڻ جو فيصلو پڻ ڪري چڪو آهي، جڏهن ته ڪيس جي جاچ مختلف رخن کان جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں