ڪراچي (بيورو رپورٽ) مير رضا علي قتل ڪيس ۾ جاچ جو دائرو وڌيڪ وسيع ٿي ويو آهي، جتي مقتول جي آخري فون ڪالز، موبائل تي وصول ٿيل 8 پيغامن، 28 جولاءِ جي رات سندس حرڪتن ۽ فرانزڪ شاهدين جا تفصيل حاصل ڪيا ويا آهن. ٻئي طرف جاچ دوران مير رضا جي چهري ۽ هٿن تي تيزاب اڇلائڻ بابت پڻ اهم انڪشاف سامهون آيو آهي. ڪيس جي نئين 5 رڪني تحقيقاتي ڪميٽي اڄ پنهنجو پهريون اهم اجلاس ڪندي، جنهن ۾ ٻنهي پوسٽ مارٽم رپورٽن، زخمن، ڪپڙن ۽ ٻين فرانزڪ شاهدين جو تفصيلي جائزو ورتو ويندو.
نئين تحقيقاتي ڪميٽي جي سربراهي ڊي آءِ جي عامر فاروقي ڪندو، ڪميٽي ڪيس جي جامع، غيرجانبدار ۽ سمورن رخن کان ٻيهر جاچ ڪندي، جڏهن ته ضرورت پوڻ تي وڌيڪ آفيسرن کي به ٽيم ۾ شامل ڪري سگهجي ٿو.
جاچ دوران 28 جولاءِ جي رات مير رضا پاران ڪيل فون ڪالز جا تفصيل به سامهون آيا آهن. ذريعن موجب هن رات 2 لڳي 13 منٽن ۽ 2 لڳي 16 منٽن تي علي نالي شخص سان ڳالهه ٻولھ ڪئي، جڏهن ته آخري فون ڪال دوست عبدالله وصول ڪئي، جنهن سان ٽن منٽن کان وڌيڪ ڳالهه ٻولهه ٿي.
ذريعن موجب مير رضا جي موبائل فون تي وصول ٿيل آخري 8 پيغامن جا تفصيل پڻ حاصل ڪيا ويا آهن، جن جو جاچ ٽيم جائزو وٺي رهي آهي.
هوڏانهن فرانزڪ جاچ دوران مقتول جي شرٽ بابت سامهون آيل تفصيلن ۾ چهري ۽ هٿن تي تيزاب اڇلائڻ جو انڪشاف پڻ ٿيو آهي. ذريعن جو چوڻ آهي ته مبينا طور تيزاب اڇلائڻ جو مقصد مير رضا جي سڃاڻپ لڪائڻ هو.
نئين تحقيقاتي ٽيم ٻنهي پوسٽ مارٽم رپورٽن، گولي جي رخ، زخمن، مقتول جي ڪپڙن ۽ فرانزڪ شاهدين جو تقابلي جائزو وٺندي، جڏهن ته پهريون پوسٽ مارٽم ڪندڙ ميڊيڪل بورڊ جي ميمبرن جا بيان پڻ رڪارڊ ڪيا ويندا.
مير رضا ڪيس ۾ ثابت ٿي رهيو آهي ته سڄو نظام سمجهوتي جو شڪار هو: خواجا آصف
اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) دفاع واري وفاقي وزير خواجا آصف مير رضا قتل ڪيس جي حوالي سان سنڌ حڪومت کي تنقيد جو نشانو بڻائيندي چيو آهي ته ڪيس ۾ جيئن جيئن حقيقتون ۽ نتيجا سامهون اچي رهيا آهن، ان مان لڳي ٿو ته سڄو نظام سمجهوتي جو شڪار هو.
خواجا آصف وڌيڪ چيو ته سڄو نظام سمجهوتي جو شڪار هو، هاڻي به چوڪس رهڻو پوندو، ٻي صورت ۾ جيئن اڳ ۾ معاملو لئي مٽي ڪيو ويو هو، ٻيهر به ائين ٿي سگهي ٿو.
وفاقي وزير جو چوڻ هو ته جن ماڻهن معاملي کي لڪائڻ جي ڪوشش ڪئي، انهن کي به بي نقاب ڪرڻو پوندو.
هوڏانهن سنڌ حڪومت مير رضا قتل ڪيس جي جاچ لاءِ جوڊيشل ڪميشن جوڙڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سنڌ جي گهرو وزير ضياءَ لنجار جو چوڻ آهي ته حڪومت چاهي ٿي ته مير رضا جي خاندان کي انصاف ملي. هن چيو ته معاملي جي جاچ لاءِ نئين تحقيقاتي ڪميٽي پڻ جوڙي وئي آهي، جڏهن ته متضاد رپورٽن بابت حتمي فيصلو ڪميشن يا عدالت تي ڇڏيو ويندو.