مورو(رپورٽ: محمد امين چوھاڻ) درياءَ خان مري جي صحافي ارباب مري خلاف مبينا طور چار ڪوڙا ڪيس داخل ڪرڻ واري عمل خلاف مورو سٽي پريس ڪلب جي صحافين پاران هٿن ۾ بينر کڻي احتجاجي مظاهرو ڪيو ويو.
احتجاج جي اڳواڻي سٽي پريس ڪلب مورو جي صدر امين چوهاڻ، انور سولنگي، ڪامران چانڊيو، ظهير چانڊيو، رضوان جماڻي، علي دوست سولنگي ۽ ٻين ڪئي.
ان موقعي تي احتجاج ڪندڙ صحافين چيو ته دريا خان مري جي ٽائون چيئرمين خلاف خبرون نشر ڪرڻ تان صحافي ارباب مري کي مبينا طور انتقامي ڪارروائين کي منهن ڏيڻو پئجي رهيو آهي.
صحافين الزام لڳايو ته ٽائون چيئرمين جي مبينا چوڻ تي پوليس صحافي خلاف چار ڌار ڌار ڪيس داخل ڪيا آهن، جڏهن ته پوليس پاران سندس گهر تي چڙهائي ڪري کيس مبينا طور هيسائڻ جي ڪوشش پڻ ڪئي وئي آهي.
احتجاج ڪندڙن چيو ته صحافي خلاف اهڙي قسم جون مبينا ڪارروايون آزادي صحافت تي وار آهن، جنهن کي ڪنهن به صورت ۾ برداشت نه ڪيو ويندو.
هنن سنڌ جي آءِ جي پوليس کان مطالبو ڪيو ته معاملي جو نوٽيس وٺي صحافي ارباب مري خلاف داخل ڪيسن جي شفاف جاچ ڪرائي وڃي ۽ کيس تحفظ فراهم ڪيو وڃي.
صحافين وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن معاملي جو نوٽيس وٺي مبينا انتقامي ڪاررواين جو سلسلو بند نه ڪيو ويو ته احتجاج جو دائرو وڌايو ويندو.