معاھدو ٿيڻ تائين آمريڪي فوج ايران ۾ موجود رھندي: ڊونلڊ ٽرمپ

فہرستِ مضامین

آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ حتمي معاھدي تائين پنھنجي فوج ايران ۾ مقرر ڪرڻ جو اعلان ڪندي ڌمڪي ڏني آھي تہ معاھدي جي ڀڃڪڙي جي صورت ۾ ٻيھر وڏي طاقت سان حملو ڪري سگھون ٿا.

سماجي رابطن واري ويب سائيٽ ٽروٿ سوشل تي جاري ڪيل بيان ۾ ڊونلڊ ٽرمپ واضح ڪيو تہ سمورا آمريڪي سامونڊي جهاز، هوائي جهاز ۽ فوجي اهلڪار خطي ۾ موجود رھندا.

هن خبردار ڪيو تہ جيڪڏھن معاهدي جي ڪنهن بہ قسم جي ڀڃڪڙي ٿي يا (فائرنگ) شروع ٿي، تہ آمريڪا طرفان اهڙو زوردار حملو ڪيو ويندو جيڪو ڪنهن اڳ ڪڏھن بہ نہ ڏٺو هوندو.

ڊونلڊ ٽرمپ  دعويٰ ڪئي تہ ان ڳالھ تي اتفاق ٿي چڪو آهي تہ ايران ايٽمي هٿيار تيار نہ ڪندو ۽ آبنائي هرمز تجارتي آمد و رفت لاءِ مڪمل طور تي محفوظ ۽ کليل رھندي.

ٽرمپ وڌيڪ چيو تہ اسان جي عظيم فوج هن وقت آرام ڪري رھي آهي پر پنهنجي ايندڙ فتح لاءِ مڪمل طور تي تيار ۽ منتظر آهي.

ميڊيا رپورٽن موجب، آمريڪي صدر جي هن بيان مان خطي ۾ ڇڪتاڻ واري صورتحال ۽ آمريڪا جي سخت موقف  ظاھر ڪري ٿي، جنهن جو مقصد ايران تي سفارتي ۽ فوجي دٻاءُ برقرار رکڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں