مريم نواز سان ڊي جي خان جي اسيمبلي ميمبرن جي ملاقات، ترقياتي منصوبن ۽ امن امان بابت ڳالهيون

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): وزيراعليٰ پنجاب وزير مريم نواز شريف سان ڊيره غازي خان جي صوبائي اسيمبلي ميمبرن ملاقات ڪئي، جنهن دوران علائقي جي سياسي صورتحال، امن امان، عوامي مسئلن ۽ جاري ترقياتي منصوبن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

ملاقات ڪندڙن ۾ احمد خان لغاري، علي احمد لغاري، اسامه عبدالڪريم، حنيف پتافي، اسامه لغاري ۽ صلاح الدين خان شامل هئا. وڏي وزير اسيمبلي ميمبرن کي پنهنجي تڪن ۾ جاري ترقياتي منصوبن جي نگراني يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪئي.

اسيمبلي ميمبرن مريم نواز کي ڪامياب چين دوري تي مبارڪباد ڏني ۽ ڊيره غازي خان ۾ اليڪٽرو بس سروس شروع ڪرائڻ تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي. هنن چيو ته اليڪٽرو بس سروس ڊي جي خان لاءِ گيم چينجر منصوبو آهي، جنهن سان عوام کي بهتر سفري سهولت فراهم ٿيندي.

ميمبرن موجب مريم نواز جي پاليسين تحت ڊيره غازي خان ۾ امن امان جي صورتحال بهتر ٿي رهي آهي، جڏهن ته ڪچي واري علائقي ۾ پڻ امن امان جي صورتحال ۾ بهتري نظر اچي رهي آهي.

ان موقعي تي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز چيو ته چين جي دوري جو مقصد پنجاب کي مصنوعي ذهانت جي دنيا جو هب بڻائڻ آهي. هن چيو ته پنجاب ۾ جلد چين جي طرز تي ڪينسر ۽ ٻين مرضن جي تشخيص لاءِ جديد طبي طريقا پڻ متعارف ڪرايا پيا وڃن.

مريم نواز چيو ته ڊيره غازي خان ۾ عوام کي اليڪٽرو بسن ذريعي سفر ڪندي ڏسي خوشي ٿئي ٿي. تاريخ ۾ پهريون ڀيرو لاهور جي طرز تي ٻين علائقن ۾ پڻ وڏا ترقياتي منصوبا شروع ڪيا ويا آهن.

هن وڌيڪ چيو ته ڊيره غازي خان سميت پنجاب جي ٻين شهرن ۾ روڊن، ڊرينيج، پاڻي جي فراهمي ۽ خوبصورتي وارن منصوبن تي ڪم جاري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں