ماڻھن کي پيار ڪرڻ نٿو اچي، ھاڻ اھي مسئلن ۽ ٻين شين ۾ مصروف آھن: طوبيٰ انور

فہرستِ مضامین

پاڪستاني اداڪارھ طوبيٰ انور چيو آھي تہ ڪنھن کي پيار ڪرڻ واري ڳالھ ختم ٿي وئي ۽ ماڻھن کي پيار ڪرڻ بہ نٿو اچي.

تازو ئي طوبيٰ انور ھڪ انٽرويو ڏنو جنھن ۾ ھن محبت بابت سوالن جا جواب ڏنا.

اداڪارھ چيو تہ ڪو اوھان جو ڌيان يا سارسنڀال لھي تہ ان کي ئي محبت چون ٿا پر مون کي ائين بہ لڳي ٿو تہ ھاڻ ڪنھن کي پيار ٿي ئي نہ رھيو آھي ۽ ماڻھن کي پيار ڪرڻ بہ نٿو اچي.

ھن چيو تہ مون کي لڳي ٿو تہ ڪنھن کي پيار ڪرڻ واري ڳالھ ختم ٿي وئي آھي، جيڪو اسان جي ماءُ پيءُ ۾ پيار ھو رومانس ھو اھو ھاڻ ختم ٿي ويو آھي.

اداڪارھ جو چوڻ ھو تہ جن وٽ محبت آھي اللھ کان دعا آھي اھي خوش رھن پر ماڻھو ھاڻ ائين خوش ناھن، ماڻھو ھاڻ شين ۾ مصروف ٿي ويا  آھن، مسئلا آھن يا ماڻھن وٽ مختلف آپشنز آھن.

طوبيٰ انور وڌيڪ چيو تہ ھميشہ گڏ رھنداسين واري ڳالھ ناھي، بالي ووڊ مان جيڪو سکيو آھي ۽ شاھ رخ خان واري محبت نہ ٿي رھي آھي يا اسان گھڻا فلمي آھيون.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں