ماتلي (رپورٽ: سعد اعواڻ): ماتلي جي ظهير ڪالوني ۾ نامعلوم چورن رات جي اونداهي ۾ سينئر صحافي دلمراد ڪمبوهه جي ڀاءُ ۽ واپاري مزمل ڪمبوهه جي هول سيل ايجنسي جا تالا ٽوڙي لکين رپين جي روڪ رقم ۽ قيمتي سامان چوري ڪري فرار ٿي ويا. واقعي کانپوءِ شهر ۾ خوف جي فضا پکڙجي وئي، واپاري برادري پوليس کان جوابدارن جي فوري گرفتاري ۽ چوري ٿيل مال جي واپسي جو مطالبو ڪيو آهي.
ماتلي جي ظهير ڪالوني ۾ نامعلوم چورن رات دير سان سينئر صحافي دلمراد ڪمبوهه جي ڀاءُ، واپاري مزمل ڪمبوهه جي هول سيل ايجنسي کي نشانو بڻايو.
چور دڪان جا مين تالا ٽوڙي اندر داخل ٿي ٽجوڙي مان لکين رپين جي روڪ رقم ۽ ٻيو قيمتي سامان چوري ڪري آساني سان فرار ٿي ويا.
صبح جو جڏهن دڪان جو مالڪ معمول موجب پهتو ته تالا ٽٽل ڏسي چوري جو انڪشاف ٿيو، جنهن بعد واقعي جي اطلاع فوري طور ماتلي پوليس کي ڏني وئي.
واقعي جي خبر پکڙجڻ شرط واپاري برادري ۽ علائقي واسين جو وڏو انگ موقعي تي پهچي ويو ۽ وڌندڙ بدامني تي سخت ڳڻتي جو اظهار ڪيو.
متاثر واپاري مزمل ڪمبوهه ۽ سندس ڀاءُ، سينئر صحافي دلمراد ڪمبوهه چيو ته شهر ۾ وڌندڙ بدامني سبب واپارين ۽ شهرين جو مال ۽ جان غير محفوظ بڻجي ويا آهن، جڏهن ته بار بار روزگار کي نشانو بڻائڻ وارا واقعا پوليس جي ڪارڪردگي تي سوال اٿارين ٿا.
هنن ايس ايس پي بدين ۽ ايس ايچ او ماتلي کان مطالبو ڪيو ته جديد ٽيڪنالاجي ۽ سي سي ٽي وي فوٽيجز جي مدد سان جوابدارن کي جلد گرفتار ڪري لوٽيل رقم ۽ سامان برآمد ڪيو وڃي، جيئن تاجر برادري ۾ پکڙيل خوف ۽ بيچيني ختم ٿي سگهي.