ايران آمريڪا کي واضح پيغام ڏنو آهي تہ لبنان جنگبندي معاهدي جو حصو آهي ۽ اهو ڪنهن بہ صورت ۾ معاهدي کان الڳ نہ ٿيندو۔
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر باقر قاليباف بنا نالو وٺڻ آمريڪا کي خبردار ڪيو تہ وقت تيزي سان ختم ٿي رھيو آهي۔
هن واضح ڪيو تہ ايران جو اتحادي لبنان سميت سمورا مزاحمتي گروپ جنگبندي جو ڪڏھن بہ الڳ نہ ٿيندڙ حصو آهن ۽ اهو ئي 10 نقطن واري تجويز جو پهريون نقطو آهي۔
ڊاڪٽر باقر قاليباف چيو تہ پاڪستاني وزيراعظم شهباز شريف لبنان جي مسئلي تي عوامي سطح تي واضح موقف ڏئي چڪو آهن، هن معاملي کان انڪار يا پوئتي هٽڻ جي ڪا بہ گنجائش ناهي۔
ايراني پارليامينٽ جي اسپيڪر چيو تہ جنگبندي جي ڀڃڪڙين جي وڏي قيمت ادا ڪرڻي پوندي ۽ سخت ردعمل ڏنو ويندو، هن زور ڏنو تہ باهه کي فوري طور تي وسايو وڃي۔
ياد رھي تہ آمريڪا ۽ اسرائيل چيو آهي تہ لبنان ايران-آمريڪا جنگبندي معاهدي جو حصو ناهي، جڏھن تہ انهن ايران جي پهرين 10 نقطن واري تجويز کي بہ رد ڪري ڇڏيو آهي۔ هاڻي نئين 10 نقطن واري تجويز تي ايران ۽ پاڪستان سان ڳالهيون جاري آهن، جڏھن تہ آمريڪا انهن نون تجويزن جي وضاحت ناهي ڪئي۔…