اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ لڳ ڀڳ 7 سيڪڙو گهٽتائي کانپوءِ پاڪستان حڪومت به عوام کي رليف ڏيندي پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. نئين نوٽيفڪيشن تحت پيٽرول ۽ هاءِ اسپيڊ ڊيزل ٻنهي جي في ليٽر قيمت گهٽائي وئي آهي.
عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي قيمتن ۾ واضح گهٽتائي رڪارڊ ٿيڻ کانپوءِ پاڪستان حڪومت به پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪري ڇڏيو آهي. پيٽروليم ڊويزن نون اگهن جو نوٽيفڪيشن جاري ڪري ڇڏيو، جيڪي 4 آگسٽ کان لاڳو ٿي ويا آهن.
پرڏيهي ميڊيا موجب، واپاري هفتي جي شروعات تي عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جون قيمتون لڳ ڀڳ 7 سيڪڙو گهٽجي ويون، جنهن سان اهي 13 جولاءِ کانپوءِ پنهنجي گهٽ ترين سطح تي بند ٿيون.
برينٽ خام تيل جي قيمت 6.35 ڊالر گهٽجڻ کانپوءِ 83.77 ڊالر في بيرل تي بند ٿي، جڏهن ته آمريڪي ويسٽ ٽيڪساس انٽرميڊيئيٽ (WTI) خام تيل 4.33 ڊالر سستو ٿي 80.34 ڊالر في بيرل تي پهچي ويو.
رپورٽن موجب، تيل جي اگهن ۾ اها گهٽتائي اهڙي وقت سامهون آئي، جڏهن آمريڪي توانائي کاتي جي انگن اکرن مان معلوم ٿيو ته آمريڪا جي اسٽريٽجڪ پيٽروليم ريزرو ۾ خام تيل جا ذخيرا 1983ع کانپوءِ سڀ کان گهٽ سطح تي پهچي ويا آهن. رپورٽ موجب، اها صورتحال ٽرمپ انتظاميه طرفان 172 ملين بيرل خام تيل اسٽريٽجڪ ذخيرن مان جاري ڪرڻ جي منظوري کانپوءِ پيدا ٿي.
هوڏانهن وفاقي حڪومت عالمي مارڪيٽ ۾ تيل جي قيمتن ۾ گهٽتائي کي نظر ۾ رکندي ملڪ اندر به پيٽروليم شين جي اگهن ۾ گهٽتائي جو اعلان ڪيو آهي.
پيٽروليم ڊويزن جي نوٽيفڪيشن موجب پيٽرول جي في ليٽر قيمت ۾ 4 رپيا 8 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ نئين قيمت 331 رپيا 95 پئسا في ليٽر مقرر ڪئي وئي آهي.
ساڳئي ريت هاءِ اسپيڊ ڊيزل جي في ليٽر قيمت ۾ 2 رپيا 45 پئسا گهٽتائي ڪئي وئي آهي، جنهن کانپوءِ ڊيزل جي نئين قيمت 389 رپيا 93 پئسا في ليٽر ٿي وئي آهي.
حڪومت جو چوڻ آهي ته پيٽروليم شين جي قيمتن ۾ اها تبديلي عالمي مارڪيٽ ۾ خام تيل جي اگهن ۽ ٻين لاڳاپيل معاشي عنصرن کي نظر ۾ رکندي ڪئي وئي آهي.