صدر آصف علي زرداري ويانا کان لنڊن پهچي ويو، ٻن هفتن تائين قيام جو امڪان

فہرستِ مضامین

لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): صدر مملڪت آصف علي زرداري ويانا کان برطانيا جي گادي واري شهر لنڊن پهچي ويو، جتي هو لڳ ڀڳ ٻن هفتن تائين قيام ڪندو.

ذريعن موجب لنڊن ۾ قيام دوران صدر آصف علي زرداري جا مختلف طبي معائنا پڻ متوقع آهن، جڏهن ته هو پنهنجي رهائش دوران ڪنهن به سياسي سرگرمي ۾ حصو نه وٺندا.

ذريعن جو چوڻ آهي ته صدر سان لنڊن ۾ مختلف وفدن جون ملاقاتون پڻ متوقع آهن. آصف علي زرداري سان گڏ سينيٽر سليم مانڊوي والا ۽ سندس ذاتي ڊاڪٽر ڊاڪٽر عاصم حسين پڻ موجود آهن.

ذريعن موجب آصف علي زرداري لڳ ڀڳ 6 سالن کانپوءِ برطانيا پهتا آهن، جڏهن ته پاڪستان پيپلز پارٽي جو چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري پڻ ايندڙ ڪجهه ڏينهن ۾ لنڊن پهچڻ جو امڪان آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں