لنڊن (انٽرنيشنل ڊيسڪ): برطانوي شاهي خاندان کان الڳ ٿي ويل جوڙو، اداڪارا ميگهن مارڪل ۽ شهزادو هيري، 6 سالن کانپوءِ برطانيا واپسي کي في الحال مستقل رهائش بدران عارضي قدم طور ڏسي رهيو آهي.
برطانوي ميڊيا جي رپورٽن موجب ڊيوڪ ۽ ڊچز آف سسڪس برطانيا ۾ ٻيهر زندگي شروع ڪرڻ جي امڪانن جو جائزو وٺي رهيا آهن، جڏهن ته سندن واپسي کي هڪ قسم جي آزمائش قرار ڏنو پيو وڃي.
شاهي ذريعن جو چوڻ آهي ته هيري ۽ ميگهن برطانيا ۾ خانداني زندگي کي ويجهو کان ڏسڻ چاهين ٿا ۽ مستقل رهائش بابت فيصلو ڪرڻ کان اڳ اهو سمجهڻ چاهين ٿا ته برطانيا ۾ ٻيهر رهڻ سندن لاءِ ڪيترو موزون آهي.
رپورٽن موجب سندن ٻارن آرچي ۽ للي بيٽ جو اسڪول ۾ ايڊجسٽ ٿيڻ، برطانيا ۾ خانداني زندگي، شاهي خاندان جي ٻين ميمبرن سان لاڳاپا ۽ ٻنهي لاءِ پيشه ورانه موقعا مستقبل جي فيصلي ۾ اهم ڪردار ادا ڪري سگهن ٿا.
برطانوي ميڊيا موجب اهو به ممڪن آهي ته هيري ۽ ميگهن صرف 6 مهينن کانپوءِ ٻيهر برطانيا ڇڏڻ جو فيصلو ڪن، جڏهن ته ٻئي امڪان تحت هو هڪ سال يا ان کان به وڌيڪ عرصو ملڪ ۾ رهي سگهن ٿا.
رپورٽن ۾ چيو ويو آهي ته في الحال جوڙي جي برطانيا ۾ رهائش جي ڪا مقرر آخري تاريخ ناهي، جڏهن ته هيري ۽ ميگهن پاڻ به اهو حتمي طور نٿا ٻڌائي سگهن ته مستقبل ۾ مستقل طور ڪهڙي ملڪ ۾ رهائش اختيار ڪندا.