بشڪيڪ(انٽرنيشنل ڊيسڪ): پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ علائقائي ڇڪتاڻ ۽ مسلم ملڪن جي گڏيل سهڪار جي ضرورت واري پسمنظر ۾ وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر مسعود پزشڪيان وچ ۾ اهم ملاقات ٿي آهي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن ٻطرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط بڻائڻ ۽ مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ جي اهميت تي زور ڏنو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ ايراني صدر ڊاڪٽر مسعود پزشڪيان وچ ۾ ملاقات ڪرغزستان جي گادي واري شهر بشڪيڪ ۾ شنگهائي تعاون تنظيم (SCO) جي سربراهن واري اجلاس جي موقعي تي ٿي.
وزيراعظم آفيس طرفان جاري ڪيل بيان موجب ملاقات انتهائي گرمجوشي ۽ دوستاڻي ماحول ۾ ٿي، جنهن دوران ٻنهي اڳواڻن پاڪستان ۽ ايران وچ ۾ موجود ويجهن، تاريخي ۽ پراڻن لاڳاپن کي وڌيڪ مستحڪم بڻائڻ جي عزم کي ورجايو.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ مختلف شعبن ۾ جاري سهڪار ۽ گذريل فيصلن تي عملدرآمد جو پڻ جائزو ورتو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف ۽ صدر مسعود پزشڪيان جون ۾ ايراني صدر جي پاڪستان جي دوري دوران ٿيل فيصلن تي تيزي سان عملدرآمد جي اهميت تي زور ڏنو، جڏهن ته ٻطرفي سهڪار کي وڌيڪ وسيع ڪرڻ بابت پڻ خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.
ايراني صدر موجب وزيراعظم شهباز شريف کيس يقين ڏياريو آهي ته مڪه معاهدو دفاعي نوعيت جو آهي ۽ ڪنهن به ملڪ خلاف ناهي. هن چيو ته معاهدي جو بنيادي مقصد خطي ۾ امن ۽ سلامتي کي يقيني بڻائڻ ۽ علائقائي ملڪن جي مفادن جو تحفظ ڪرڻ آهي.
صدر مسعود پزشڪيان خطي ۾ امن لاءِ پاڪستان جي ڪردار کي ساراهيندي ثالثي واري عمل ۾ پاڪستان جي فعال ۽ تعميري ڪردار جي واکاڻ ڪئي.
ايراني صدر چيو ته جيڪڏهن مسلم ملڪ متحد ٿين ته اسرائيل لاءِ انهن تي آساني سان حملو ڪرڻ ممڪن نه رهندو. سندس چوڻ هو ته مسلم ملڪن وٽ باهمي ڳالهين ۽ تعاون ذريعي مسئلن جو حل ڪڍڻ جي صلاحيت موجود آهي.
هن چيو ته مڪه معاهدو مسلم دنيا جي اتحاد کي مضبوط بڻائڻ طرف هڪ اهم قدم آهي ۽ اميد آهي ته ٻين علائقائي ۽ مسلم ملڪن کي به مختلف شعبن ۾ سهڪار وڌائڻ لاءِ ان عمل ۾ شامل ڪيو ويندو.
ٻئي طرف وزيراعظم شهباز شريف جي ازبڪستان جي صدر سان پڻ ملاقات ٿي، جنهن دوران پاڪستان ۽ ازبڪستان وچ ۾ ٻطرفن لاڳاپن ۽ واپار کي وڌيڪ وڌائڻ تي ڳالهيون ٿيون.
ملاقات دوران ٻنهي ملڪن وچ ۾ ٻطرفي واپار جو حجم 2 ارب ڊالر تائين وڌائڻ جي عزم جو اظهار ڪيو ويو.
وزيراعظم شهباز شريف جو بشڪيڪ ۾ مختلف ملڪن جي اڳواڻن سان ملاقاتن جو سلسلو اهڙي وقت جاري آهي، جڏهن خطي جي امن، سلامتي ۽ معاشي سهڪار سميت مختلف معاملن تي علائقائي ملڪن وچ ۾ رابطن کي اهميت ڏني پئي وڃي.