اسلام آباد (ويب ڊيسڪ): وزيراعظم شهباز شريف جي حڪومت کي نئين مالي سال جي شروعات ۾ برآمدن جي شعبي ۾ اهم ڪاميابي ملي آهي. شماريات کاتي پاران جاري ڪيل انگن اکرن موجب، جولاءِ 2026ع دوران پاڪستان جي برآمدن ۾ مهيني توڙي سالياڻي بنيادن تي واضح واڌ رڪارڊ ڪئي وئي آهي.
شماريات کاتي جولاءِ 2026ع جا واپاري انگ اکر جاري ڪري ڇڏيا آهن، جن موجب خطي ۾ غير يقيني صورتحال باوجود پاڪستان جي برآمدن ۾ واضح اضافو ڏسڻ ۾ آيو آهي.
انگن اکرن موجب، نئين مالي سال جي پهرين مهيني جولاءِ 2026ع دوران مهيني بنياد تي برآمدن ۾ 31.09 سيڪڙو واڌ رڪارڊ ڪئي وئي، جڏهن ته سالياڻي بنياد تي برآمدون 9.54 سيڪڙو وڌيون آهن.
رپورٽ موجب جولاءِ 2026ع ۾ پاڪستان جون برآمدون 2 ارب 93 ڪروڙ 90 لک آمريڪي ڊالر رهيون، جڏهن ته ان کان اڳ جون 2026ع ۾ برآمدن جو حجم 2 ارب 24 ڪروڙ 20 لک آمريڪي ڊالر هو.
معاشي ماهرن موجب برآمدن ۾ هي واڌ ملڪ جي واپاري شعبي لاءِ مثبت اشارو آهي، جيڪا نئين مالي سال جي شروعات ۾ معيشت لاءِ حوصلا افزا پيش رفت سمجهي پئي وڃي.