شاگردن لاءِ وڏي سهولت، مريم نواز اليڪٽرڪ بائيڪ جي ڊائون پيمينٽ ختم ڪري ڇڏي

فہرستِ مضامین

لاهور(ويب ڊيسڪ): وزيراعليٰ پنجاب وزير مريم نواز شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ اسڪيم ۾ اهم تبديلي ڪندي شاگردن کان ڊائون پيمينٽ وصول ڪرڻ کان روڪي ڇڏيو آهي. مريم نواز جي صدارت هيٺ ٿيل اجلاس ۾ شاگردن لاءِ اليڪٽرڪ بائيڪ جي ماهوار قسط 3 هزار رپيا رکڻ جي تجويز تي اتفاق ڪيو ويو.

اجلاس دوران اليڪٽرڪ بائيڪ اسڪيم جو دائرو وڌائيندي ان ۾ سرڪاري ملازمن، عام ماڻهن ۽ ڊيليوري بوائز کي پڻ شامل ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

حڪومت پنجاب موجب اليڪٽرڪ بائيڪ تي سود ۽ انشورنس جا خرچ پڻ حڪومت برداشت ڪندي، جڏهن ته شاگردن کي بائيڪ سان گڏ هيلمٽ ۽ حفاظتي راڊ مفت فراهم ڪيو ويندو.

اسڪيم تحت شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪ هلائڻ بابت ٻن ڏينهن جي مفت ٽريننگ پڻ ڏني ويندي، جڏهن ته بائيڪن جي فراهمي لاءِ تيز رفتاري سان قدم کڻڻ جي هدايت ڪئي وئي آهي.

اجلاس ۾ فيصلو ڪيو ويو ته شاگردن کي اليڪٽرڪ بائيڪون 6 هفتن اندر فراهم ڪرڻ لاءِ انتظام مڪمل ڪيا وڃن.

مريم نواز اليڪٽرڪ بائيڪ اسڪيم تحت شاگردن کان ڊائون پيمينٽ نه وٺڻ جي هدايت ڪندي لاڳاپيل اختيارين کي حڪم ڏنو ته اليڪٽرڪ بائيڪ پورٽل هن ئي هفتي کوليو وڃي، جيئن اهل شاگرد اسڪيم مان فائدو حاصل ڪرڻ لاءِ درخواستون جمع ڪرائي سگهن.

پنجاب حڪومت جو چوڻ آهي ته اسڪيم جو مقصد شاگردن ۽ ٻين اهل ماڻهن لاءِ آسان قسطن تي ماحول دوست سفري سهولت فراهم ڪرڻ ۽ اليڪٽرڪ گاڏين جي استعمال کي هٿي ڏيڻ آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں