لاهور: مشهور پاڪستاني ٽڪ ٽاڪر ۽ سوشل ميڊيا انفلوئنسر جنت مرزا شادي بابت هڪ مداح جي سوال تي کليل نموني پنهنجي راءِ جو اظهار ڪيو آهي.
جنت مرزا انسٽاگرام تي مداحن سان سوال جواب واري سيشن دوران مختلف سوالن جا جواب ڏنا. ان موقعي تي هڪ مداح کانئس سوال ڪيو ته ”توهان شادي ڪڏهن ڪنديون؟“
ان سوال جي جواب ۾ جنت مرزا چيو ته ”مون کي پاڻ به خبر ناهي، اڄڪلهه شادي شده ماڻهن جا حال ڏسي شادي ڪرڻ جو دل ئي نٿو ڪري.“
هن وڌيڪ لکيو ته سندس خيال ۾ ڪيترن ماڻهن جي سٺي ڀلي زندگي شادي کان پوءِ متاثر ٿي ويندي آهي.
جنت مرزا مداحن کي صلاح ڏيندي چيو ته شادي جهڙي اهم فيصلي ۾ جلدي ڪرڻ بدران سوچ ويچار سان فيصلو ڪرڻ گهرجي، ڇو ته اهو زندگي جو اهم مرحلو هوندو آهي.