سنڌ ۾ سکر-ملتان موٽر وي تي 200 ڪلو ميٽر تائين لڳل جديد ڪيمرائون چوري ٿيڻ جو انڪشاف ٿيو آھي.
سنڌ ۾ مختلف سرڪاري ادارن جي ڪارڪردگي تي تہ اڪثر سوال اٿاريا ويندا آھن پر شاندار وفاقي منصوبي موٽر وي ايم 5 شديد بد انتظامي جو شڪار آھي.
سکر-ملتان موٽر وي ايم فائيو تي سکر کان رحيم يار خان تائين لڳ ڀڳ 200ڪلو ميٽرجي ايريا مان جديد سرويلينس ۽اسپيڊجون ڪيمرائون، سولر پليٽون، لائيٽس ۽ پول ڪچي جا ڏوھاري چوري ڪري ويا آھن.
گهوٽڪي ضلعي ۾ جهان خان جنگل جي آس پاس صورتحال وڌيڪ ڳنڀير آهي، جتان ڪيمرائون ۽ سولر پول بہ چوري ٿي ويا آھن۽ پوليس جي سيڪيورٽي چوڪين جون ڇتيون بہ غائب ڪيون ويون آهن۔
انهن چوڪين ۾ زندگيءَ جا آثار بہ نظر نٿا اچن، بتيون ۽ ريفليڪٽرز بہ غائب آهن۔ رڳو اهو ئي نہ، پر موٽر وي جي سڀني سروس ايرياز جون اسٽريٽ لائيٽون بہ بند آهن، جڏھن تہ تازو لڳايل سولر ريفليڪٽرز مان بہ لڳ ڀڳ 90 سيڪڙو خراب ٿي چڪا آهن۔
ڪيمرائن جي چوري يا غيرفعال ٿيڻ سبب موٽر وي پوليس جو عملو هاڻي پراڻي طريقي سان روڊ جي ڪناري تي اسپيڊ ڪيمرا رکي ڏنڊ لاڳو ڪري رھيو آھي….