ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ): بلوچستان جي گهرو وزير ضياءَ لانگو دعويٰ ڪئي آهي ته سيڪيورٽي فورسز ڪارروائي ڪري پابندي مڙهيل بي ايل اي پاران گهٽ عمر ڇوڪرين کي ورغلائي آپگھاتي حملن لاءِ استعمال ڪرڻ جو منصوبو ناڪام بڻائي ڇڏيو.
بلوچستان جي گهرو وزير ضياءَ لانگو چيو آهي ته سيڪيورٽي ادارا دهشتگردي جي واقعن کي روڪڻ لاءِ مسلسل سرگرم آهن ۽ دهشتگردن جا ڪيترائي منصوبا ناڪام بڻايا پيا وڃن.
ڪوئيٽا ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ضياءَ لانگو چيو ته ڏکڻ بلوچستان ۾ پابندي مڙهيل تنظيم پاران 16 ورهين جي زينب ۽ 12 ورهين جي فاطمه کي ورغلائي آپگھاتي حملن لاءِ تيار ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي وئي.
سندس دعويٰ موجب ٻنهي ڇوڪرين کي تقريبن 40 ڏينهن تائين هڪ هنڌ قيد رکيو ويو ۽ کين آپگھاتي ڌماڪو ڪرڻ لاءِ تيار ڪيو ويو. ڇوڪرين کي مڪران مان تنظيم سان گڏ آندو ويو هو.
گهرو وزير چيو ته دهشتگرد بلوچستان جي روايتن ۽ سماجي قدرن کي نقصان پهچائڻ لاءِ نوجوانن کي ورغلائي رهيا آهن، جڏهن ته سيڪيورٽي فورسز اهڙين ڪاررواين خلاف مسلسل آپريشن ڪري رهيون آهن.
ضياءَ لانگو موجب تنظيم سان گڏ ڪم ڪرڻ کان انڪار ڪرڻ تي سيف نالي شخص کي قتل ڪيو ويو، جڏهن ته سندس قتل کانپوءِ مقامي ڪمانڊر جو رابطو سندس زال زينب سان ٿيو.
هن چيو ته حڪومت ڇوڪرين جي صحت، تعليم ۽ بحالي لاءِ بهترين سهولتون فراهم ڪري رهي آهي، جڏهن ته ڇوڪرين جا والدين به صورتحال تي افسوس ۽ ندامت جو اظهار ڪري رهيا آهن.
بلوچستان جي گهرو وزير وڌيڪ چيو ته دهشتگردي جي ڪنهن هڪ واقعي کانپوءِ سيڪيورٽي ادارن کان سوال ڪيا ويندا آهن، پر سيڪيورٽي فورسز ڪيترائي امڪاني حملا اڳواٽ ناڪام پڻ بڻائين ٿيون.