ڪراچي ۾ اڄ کان گرمي پد وڌڻ جي اڳڪٿي ڪئي وئي آهي۔
محڪمه موسميات موجب سنڌ جي گهڻن ضلعن ۾ اڄ کان 12 جون تائين گرمي جي لهر جو امڪان آهي۔
ڪراچي ۾ به اڄ موسم انتهائي گرم رهڻ جو امڪان آهي ۽ گرمي پد 38 ڊگري سينٽي گريڊ تائين پهچي سگهي ٿو۔
ڪراچي ۾ ايندڙ 24 ڪلاڪن دوران موسم گرم رهڻ جو امڪان آهي۔
ڪراچي ۾ گهٽ ۾ گهٽ گرمي پد 30 ڊگري سينٽي گريڊ رڪارڊ ڪيو ويو آهي۔
محڪمه موسميات موجب سمنڊ جون هوائون 15 ڪلوميٽر في ڪلاڪ جي رفتار سان هلي رهيون آهن، جن ۾ نمي جو تناسب 72 سيڪڙو آهي۔