ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه جي صدارت هيٺ سنڌ ڪابينا جي اجلاس ۾ صوبي جي زمينن، ماحول دوست ٽرانسپورٽ ۽ غذائي تحفظ بابت اهم فيصلا ڪيا ويا. ڪابينا ڪچي جي زمينن جي جامع سروي ۽ ميپنگ، اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن مراعات ۾ ٻن سالن جي واڌ سان گڏ پاسڪو ۽ درآمد ذريعي ڪڻڪ جا ذخيرا مضبوط ڪرڻ جي منصوبن جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ڪچي جي زمينن جو جامع سروي ۽ ميپنگ
سنڌ ڪابينا بورڊ آف روينيو جي تجويز تي صوبي جي ڪچي جي زمينن جي جامع سروي ۽ ميپنگ جي منظوري ڏني. ڪچي جي زمينن جو سروي سروي آف پاڪستان ذريعي ڪرايو ويندو، جنهن لاءِ 70 ڪروڙ 50 لک رپين جي منظوري ڏني وئي آهي.
ڪابينا کي بريفنگ ۾ ٻڌايو ويو ته ”سروي آف ڪچا لينڊ اِن سنڌ“ منصوبو جي ٽو بنيادن تي مڪمل ڪيو ويندو، جنهن ذريعي ڪچي جي زمينن جو جامع، درست ۽ جديد ڊيٽابيس تيار ڪيو ويندو.
منصوبي تحت ڪچي جي زمينن جي ملڪيت، استعمال ۽ زمين جي پارسل سطح تائين ڊيٽا گڏ ڪئي ويندي، جڏهن ته ميپنگ سان زمينن جي انتظام، منصوبابندي ۽ روينيو مينيجمينٽ کي وڌيڪ بهتر بڻائڻ ۾ مدد ملندي.
ڪچي جي زمينن جي سروي لاءِ 15.5 مهينن جو مدو مقرر ڪيو ويو آهي ۽ اهو ڪم ٻن مرحلن ۾ مڪمل ڪيو ويندو. پهرين مرحلي ۾ سيٽلائيٽ تصويرن، جي آءِ ايس ميپنگ ۽ جيوڊيٽڪ ڪنٽرول ذريعي سروي ڪيو ويندو، جڏهن ته ٻئي مرحلي ۾ ڪڊاسٽرل ميپنگ سان گڏ ديهه، تعلقي ۽ ضلعي سطح تي تفصيلي نقشا تيار ڪيا ويندا.
هي سروي حيدرآباد، سکر، لاڙڪاڻي ۽ شهيد بينظيرآباد ڊويزنن جي ڪچي واري علائقن ۾ ڪيو ويندو، جتي مجموعي طور 613 ديهون شامل آهن. سنڌ ۾ سروي هيٺ ايندڙ ڪچي جي زمين جو مجموعي رقبو لڳ ڀڳ 16 لک 10 هزار ايڪڙ ٻڌايو ويو آهي.
وڏي وزير مراد علي شاهه چيو ته درست ميپنگ سان سرڪاري زمينن تي غيرقانوني قبضن کي روڪڻ ۾ مدد ملندي، جڏهن ته ڪچي جي علائقن جي ماحولياتي تحفظ لاءِ پڻ بهتر منصوبابندي ڪري سگهبي.
هن سروي ۾ درستگي ۽ شفافيت جا اعليٰ معيار يقيني بڻائڻ جي هدايت ڪندي بورڊ آف روينيو ۽ سروي آف پاڪستان کي منصوبو مقرر مدي اندر مڪمل ڪرڻ جي هدايت ڪئي.
اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن مراعات ۾ ٻن سالن جي واڌ
سنڌ ڪابينا ماحول دوست ۽ پائيدار ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن مراعات ۾ وڌيڪ ٻن سالن جي واڌ جي منظوري پڻ ڏئي ڇڏي.
فيصلي تحت اليڪٽرڪ گاڏين لاءِ ٽيڪس ۽ رجسٽريشن جون مراعات 29 مئي 2028ع تائين جاري رهنديون.
ڪابينا اليڪٽرڪ گاڏين جي رجسٽريشن فيس هڪ هزار رپيا برقرار رکڻ جي منظوري ڏني، جڏهن ته غير تجارتي اليڪٽرڪ گاڏين تي سالياني موٽر وهيڪل ٽيڪس 500 رپيا برقرار رکيو ويو.
اليڪٽرڪ موٽر سائيڪلن تي 500 رپيا هڪ ڀيرو تاحيات موٽر وهيڪل ٽيڪس لاڳو رهندو. جڏهن ته 2000 سي سي يا ان کان وڌيڪ مساوي انجڻ واري اليڪٽرڪ گاڏين تي 5 هزار رپيا لگزري ٽيڪس مقرر ڪيو ويو آهي.
اليڪٽرڪ گاڏي جي دير سان رجسٽريشن تي هڪ هزار رپيا ڏنڊ مقرر ڪرڻ جي پڻ منظوري ڏني وئي.
وڏي وزير چيو ته اليڪٽرڪ گاڏين جو استعمال وڌائڻ سان درآمدي ٻارڻ تي انحصار گهٽ ٿيندو، ڪاربان جي اخراج ۾ گهٽتائي ايندي ۽ شهرن ۾ هوا جي آلودگي گهٽائڻ ۾ مدد ملندي.
سندس چوڻ هو ته اليڪٽرڪ موبيلٽي جي شعبي ۾ سيڙپڪاري لاءِ ٽيڪس مراعات اهم ڪردار ادا ڪنديون، تنهن ڪري سنڌ حڪومت ماحول دوست ٽرانسپورٽ کي هٿي ڏيڻ لاءِ اهڙيون پاليسيون جاري رکندي.
سنڌ ۾ ڪڻڪ جا ذخيرا مضبوط ڪرڻ جو فيصلو
سنڌ ڪابينا صوبي ۾ ڪڻڪ جي دستيابي ۽ غذائي تحفظ کي يقيني بڻائڻ لاءِ به اهم فيصلا ڪيا. ڪابينا پاسڪو کان 2 لک 23 هزار 455 ميٽرڪ ٽن ڪڻڪ خريد ڪرڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
ان سان گڏ سنڌ حڪومت ٽريڊنگ ڪارپوريشن آف پاڪستان (TCP) ذريعي 3 لک ميٽرڪ ٽن درآمدي ڪڻڪ خريد ڪندي. درآمدي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ وزارت قومي غذائي تحفظ ۽ تحقيق، ٽي سي پي ۽ سنڌ حڪومت وچ ۾ ٽه طرفي معاهدي جي پڻ منظوري ڏني وئي.
درآمدي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ سنڌ بئنڪ ذريعي ڪموڊيٽي فنانسنگ تحت اڳواٽ ادائيگين جي اجازت ڏني وئي، جڏهن ته ڪڻڪ لاءِ باردانو يا پي پي بيگز خريد ڪرڻ جي به منظوري ڏني وئي.
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته پاسڪو کان حاصل ٿيندڙ ڪڻڪ مان هڪ لک 30 هزار ميٽرڪ ٽن ڪراچي منتقل ڪئي ويندي، جڏهن ته 30 هزار ميٽرڪ ٽن کان وڌيڪ ڪڻڪ حيدرآباد ۽ ڄامشورو منتقل ڪئي ويندي.
شهيد بينظيرآباد ۽ سانگهڙ جي پاسڪو گودامن ۾ موجود ڪڻڪ جو ذخيرو برقرار رکيو ويندو، جڏهن ته موجوده پاسڪو ذخيري مان شهيد بينظيرآباد ۽ ميرپورخاص ڊويزنن جون ضرورتون پوريون ڪيون وينديون.
بندرگاهه تان درآمدي ڪڻڪ کڻڻ لاءِ روزانو 5 هزار ميٽرڪ ٽن جو هدف مقرر ڪيو ويو آهي.
ڪڻڪ خريداري لاءِ اربين رپيا جاري
ڪابينا کي ٻڌايو ويو ته سنڌ جي ناڻي کاتي ڪڻڪ جي خريداري لاءِ اڳ ئي 23 ارب 13 ڪروڙ 60 لک رپيا جاري ڪري ڇڏيا آهن، جڏهن ته ڪڻڪ جي ترسيل جي خرچن لاءِ وڌيڪ 2 ارب رپيا پڻ جاري ڪيا ويا آهن.
درآمدي ڪڻڪ جي حتمي لينڊڊ ڪاسٽ منظور ڪرڻ جو اختيار فوڊ بابت ڪابينا جي ذيلي ڪميٽي کي ڏنو ويو آهي، جڏهن ته اضافي مالي ذميواري عائد ٿيڻ کان اڳ درآمدي ڪڻڪ جي حتمي لاڳت به اها ڪميٽي منظور ڪندي.
سنڌ ڪابينا جامعہ ڪراچي جي فوڊ سائنس شعبي طرفان تجويز ڪيل ڪڻڪ جي معيار جي پڻ منظوري ڏني.
وڏي وزير سيد مراد علي شاهه چيو ته صوبي ۾ ڪڻڪ جي بنا رڪاوٽ فراهمي ۽ اسٽريٽجڪ ذخيرا برقرار رکڻ حڪومت جي ترجيح آهي. سندس چوڻ هو ته ڪڻڪ جي خريداري ۽ درآمد جو بنيادي مقصد سنڌ ۾ غذائي تحفظ يقيني بڻائڻ ۽ مستقبل ۾ ڪڻڪ جي کوٽ کان بچاءُ آهي.