ڪراچي (مانيٽرنگ ڊيسڪ) سنڌ جي اطلاعات واري وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آهي ته سنڌ ڪابينا صوبي جي سرڪاري ملازمن لاءِ ڪنويئنس الائونس ۾ واڌ جي منظوري ڏئي ڇڏي آهي، جڏهن ته گريڊ هڪ کان 16 تائين جي ملازمن جو سفري الائونس پڻ وڌايو ويو آهي.
سنڌ ڪابينا جي اجلاس کانپوءِ پريس ڪانفرنس ڪندي شرجيل ميمڻ چيو ته اجلاس دوران ڪيترائي اهم فيصلا ڪيا ويا. هن ٻڌايو ته گورنر هائوس ۽ وڏي وزير هائوس جي عملي جي هيلٿ انشورنس ۾ وڌيڪ ڇهن مهينن جي واڌ ڪئي وئي آهي، جڏهن ته معيشت، سيڙپڪاري، ماليات، آبي وسيلن، موسمياتي تبديلي ۽ مصنوعي ذهانت (آرٽيفيشل انٽيليجنس) بابت مختلف ٽاسڪ فورسون پڻ جوڙيون ويون آهن.
هن چيو ته سنڌ ڪابينا گٽڪا، ماوا ۽ مين پوري خلاف سخت ڪريڪ ڊائون جي منظوري پڻ ڏني آهي. سندس چوڻ هو ته مستقبل ۾ اهڙين شين خلاف ڪارروائي نارڪوٽڪس ڪنٽرول کاتو ڪندو ۽ ان حوالي سان قانونسازي پڻ ڪئي پئي وڃي.
شرجيل ميمڻ چيو ته سنڌ حڪومت زراعت کي نقصان کان بچائڻ چاهي ٿي، پر پنجاب حڪومت گندم جي صوبي کان ٻاهر ترسيل تي پابندي لڳائي سرحدون بند ڪري ڇڏيون آهن، جنهن جي هو مذمت ڪن ٿا. هن چيو ته سنڌ ۾ به ڪجهه ماڻهن وڏي مقدار ۾ گندم ذخيرو ڪري رکي آهي.
هن وڌيڪ اعلان ڪيو ته سنڌ حڪومت پنج لک ميٽرڪ ٽن گندم درآمد ڪندي ۽ پاسڪو کان به گندم خريد ڪئي ويندي، جنهن سان ذخيره اندوزن کي وڏو نقصان ٿيندو. هن ٻڌايو ته ناردرن باءِ پاس تي 400 ايڪڙ ايراضي تي جديد ٽرڪ اسٽينڊ پڻ تعمير ڪيو ويندو.
صوبائي وزير چيو ته مون سون برساتن کي نظر ۾ رکندي سمورن لاڳاپيل ادارن کي هاءِ الرٽ جاري ڪيو ويو آهي. هن چيو ته پنجاب ۽ خيبرپختونخوا ۾ برساتن سبب ڪيترائي جاني نقصان ٿيا آهن، جڏهن ته ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برساتن تباهي مچائي آهي.
شرجيل ميمڻ ڪشمير جي چونڊن جو ذڪر ڪندي الزام هنيو ته مسلم ليگ (ن) چونڊ ضابطي اخلاق جي ڀڃڪڙي ڪري رهي آهي.