قمبر شهدادڪوٽ (رپورٽ: احسان جوڻيجو): سنڌ کي ورهائڻ جي مبينا سازش، ڌارين جي آبادڪاري ۽ سياسي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن جي گرفتارين خلاف شهدادڪوٽ ۾ سنڌ ترقي پسند پارٽي (ايس ٽي پي) جي ڪارڪنن ريلي ڪڍي احتجاج ڪيو ۽ ڪوٽو موٽو چوڪ تي ڌرڻو هڻي نعريبازي ڪئي.
ايس ٽي پي ڪارڪنن پريس ڪلب کان ريلي ڪڍي مختلف رستن تان ٿيندا ڪوٽو موٽو چوڪ پهتا، جتي احتجاجي مظاهرو ڪري ڌرڻو هنيو ويو.
ان موقعي تي ايس ٽي پي ضلعي صدر ڪامريڊ حيات تنيو، شبير مگسي، وارث کوسو، امداد سومرو ۽ ٻين اڳواڻن خطاب ڪندي چيو ته سنڌ جي ورهاڱي خلاف مرڻ گهڙي تائين مزاحمت جاري رکي ويندي.
اڳواڻن جو چوڻ هو ته سنڌ ۾ ڌارين جي آبادڪاري ذريعي سنڌ جي عوام سان ناانصافي ڪئي پئي وڃي، جڏهن ته اهڙن معاملن خلاف احتجاج ڪندڙ اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي گرفتار ڪيو وڃي ٿو.
هنن چيو ته سياسي ڪارڪنن کي احتجاج ۽ پنهنجي موقف جي اظهار جو حق ڏنو وڃي ۽ گرفتار ڪيل اڳواڻن ۽ ڪارڪنن کي فوري طور آزاد ڪيو وڃي.
احتجاج دوران ڪارڪنن سنڌ جي ورهاڱي ۽ مبينا ڌارين جي آبادڪاري خلاف نعريبازي ڪئي ۽ مطالبو ڪيو ته حڪومت سندن خدشن جو نوٽيس وٺي.
ايس ٽي پي اڳواڻن خبردار ڪيو ته مطالبا منظور نه ٿيڻ جي صورت ۾ احتجاج جو دائرو وڌيڪ وڌايو ويندو.