سنڌ کي انگريز بہ ٽوڙي نہ سگھيا، لاھور جا واپاري سنڌ ٽوڙڻ جو فيصلو نٿا ڪري سگھن: مراد علي شاھ

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سنڌ جي ورهاست بابت ڳالهائيندي واضح ڪيو آهي ته سنڌ جي مستقبل ۽ ورهاست جو فيصلو ڪنهن عدالت، جلسي، ٽي وي پروگرام يا سيمينار ۾ نه، پر رڳو سنڌ اسيمبلي جي چونڊيل نمائندن پاران ڪيو ويندو، جڏهن ته سنڌ هميشه هڪ صوبو رهندو.

سنڌ اسيمبلي ۾ خطاب ڪندي وڏي وزير چيو ته سنڌ اسيمبلي ماضي ۾ به سنڌ جي ورهاست خلاف ڪيترائي ڀيرا ٺهراءَ منظور ڪري چڪي آهي. 1948ع، 2000ع، 2014ع، 2019ع ۽ 2026ع ۾ سنڌ جي ورهاست خلاف اسيمبلي ۾ ٺهراءَ منظور ٿي چڪا آهن.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ورهاست جو فيصلو لاهور جي ڪاروباري ماڻهو نه، پر سنڌ اسيمبلي جا چونڊيل ميمبر ڪندا. سنڌ جي ورهاست بابت فيصلو سنڌ اسيمبلي ئي ڪندي ۽ ان معاملي تي بحث پڻ ساڳئي ايوان ۾ ٿيندو.

وڏي وزير چيو ته هن ڀيري سنڌ جي ورهاست واري معاملي تي وڌيڪ تفصيلي بحث ڪرائڻ جو فيصلو ڪيو ويو آهي، جڏهن ته سمورن ڌرين جو موقف اسيمبلي ۾ ٻڌو ويندو. سندس چوڻ هو ته بحث کي مناسب نتيجي تائين پهچايو ويندو.

هن چيو ته التوا واري رٿ کي ٺهراءَ تي ترجيح حاصل هوندي آهي، ڇاڪاڻ ته ان دوران اهم معاملي تي اسيمبلي جو ٻيو ڪاروبار معطل ڪري تفصيلي بحث ڪيو ويندو آهي. التوا واري رٿ پيش ڪرڻ لاءِ 34 ميمبرن جي حمايت ضروري هوندي آهي، جڏهن ته مخالف ڌر چاهي ته اها رٿ آڻي سگهي ٿي.

مراد علي شاهه چيو ته مخالف ڌر ۾ سنڌ جي ورهاست بابت ٺهراءَ آڻڻ جي همٿ ناهي. هن چيو ته سنڌ جي ورهاست خلاف سنڌ اسيمبلي جو فيصلو اڳ به ٿي چڪو آهي ۽ اڳتي به ٿيندو.

وڏي وزير واضح ڪيو ته عدالت جو فيصلو هجي، ڪو جلسو هجي يا ٽي وي تي سيمينار، انهن ذريعن سان سنڌ جي ورهاست جو فيصلو نٿو ٿي سگهي. هن چيو ته ڪنهن عدالت جي فيصلي تي اعتراض ناهي، پر صوبي جي ورهاست جو فيصلو سنڌ اسيمبلي ئي ڪندي.

هن چيو ته بحث جي اصل جاءِ سنڌ اسيمبلي آهي ۽ سنڌ جا چونڊيل نمائندا ئي سنڌ جي مستقبل بابت فيصلو ڪندا. سنڌ صدين کان قائم آهي ۽ سنڌ جي عوام ان کي ٻيهر متحد ڪيو آهي.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي عوام پاڪستان ٺاهيو ۽ پاڪستان بابت قرارداد به هن ئي ايوان مان منظور ٿي هئي. هن چيو ته ”پيپلز پارٽي جا ميمبر جيستائين موجود آهن، سنڌ صوبو قائم رهندو.“

وڏي وزير چيو ته سنڌ جي ورهاست بابت اٿندڙ سمورين آوازن جو جواب سنڌ اسيمبلي ڏيندي. آئين موجب رياست جا اختيار عوام جي چونڊيل نمائندن ذريعي استعمال ٿيندا آهن، تنهنڪري سنڌ اسيمبلي ئي بحث ۽ فيصلي جو اصل فورم آهي.

هن وڌيڪ چيو ته سنڌ جي ورهاست بابت ٽي وي يا ٻين فورمن تي ٿيندڙ بحث جو ڪو اثر نه ٿيندو. ضرورت پئي ته سنڌ جي ورهاست خلاف ٻيهر ٺهراءَ منظور ڪيو ويندو.

مراد علي شاهه چيو ته سنڌ جي ورهاست بابت بحث اڄ، سڀاڻي يا پرينهن تائين به جاري رکي سگهجي ٿو، پر بحث کي صحيح نتيجي تائين پهچايو ويندو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں