سنڌ جي گئس حقن ۽ ڊجيٽل خودمختياري تي وفاق سان ڇا طئي ٿيو؟ مراد علي شاهه جا اهم مطالبا سامهون اچي ويا

فہرستِ مضامین

ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان وفاقي وزير آءِ ٽي ۽ ٽيلي ڪميونيڪيشن شزا فاطمه خواجا ۽ وفاقي وزير توانائي (پيٽروليم ڊويزن) علي پرويز ملڪ ڌار ڌار ملاقاتون ڪيون، جن ۾ سنڌ جي ڊجيٽل ترقي، ڊيٽا گورننس، گئس وسيلن، توانائي جي فراهمي ۽ صوبائي حقن سميت اهم معاملن تي تفصيلي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي وئي.

وفاقي وزير آءِ ٽي شزا فاطمه خواجا سان ملاقات دوران ڊجيٽل نَيشن پاڪستان فريم ورڪ، نيشنل ڊجيٽل ڪميشن ۽ نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان تي تفصيلي غور ڪيو ويو.

وفاقي وزير وڏي وزير کي ڊجيٽل نَيشن پاڪستان ايڪٽ 2025ع ۽ پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي جي ڪردار بابت بريفنگ ڏني. شزا فاطمه خواجا چيو ته ڊجيٽل پاڪستان جو مقصد عوام، ڪاروبار ۽ حڪومت وچ ۾ خدمتن جي فراهمي کي وڌيڪ تيز، آسان ۽ مؤثر بڻائڻ آهي.

هن ٻڌايو ته نيشنل ڊجيٽل ڪميشن وزيراعظم جي سربراهي ۾ ملڪ جي ڊجيٽل پاليسي ۽ مستقبل جي رخ جو تعين ڪندي، جڏهن ته پاڪستان ڊجيٽل اٿارٽي نيشنل ڊجيٽل ماسٽر پلان، ڊجيٽل پبلڪ انفرااسٽرڪچر ۽ ڊيٽا گورننس تي ڪم ڪندي.

سيد مراد علي شاهه چيو ته سنڌ حڪومت اڳ ئي 50 کان وڌيڪ ڊجيٽل پليٽ فارم ۽ اي-سروسز متعارف ڪرائي چڪي آهي، جن ۾ سنڌ زمين، اي-پي سنڌ، اي-آفيس، سنڌ جاب پورٽل ۽ سيف سٽي منصوبا شامل آهن.

وڏي وزير چيو ته سنڌ حڪومت ڊجيٽل پاڪستان جي ويزن ۽ قومي ڊجيٽل ايجنڊا جي مڪمل حمايت ڪري ٿي ۽ قومي هدفن سان هم آهنگ پنهنجو ڊجيٽل ماسٽر پلان تيار ڪندي.

مراد علي شاهه واضح ڪيو ته ڊجيٽل تبديلي دوران سنڌ جي صوبائي خودمختياري، ڊيٽا ۽ ڊجيٽل نظامن جي ملڪيت برقرار رکڻ ضروري آهي. سنڌ پنهنجي ڊيٽا، ڊجيٽل نظامن ۽ عملدرآمد بابت فيصلن تي مڪمل اختيار برقرار رکندو.

وڏي وزير لاڳاپيل آءِ ٽي کاتي کي قومي ڊجيٽل ماسٽر پلان جو تفصيلي جائزو وٺي سنڌ جون تجويزون تيار ڪرڻ جي هدايت ڪئي، جڏهن ته ڊجيٽل، ڊيٽا ۽ مصنوعي ذهانت بابت ادارا قائم ڪرڻ جي تجويز جي پڻ آجيان ڪئي.

سنڌ جي گئس وسيلن بابت وفاق سان اهم ڳالهه ٻولهه

ٻئي طرف وفاقي وزير توانائي علي پرويز ملڪ سان ملاقات دوران حيدان بلاڪ، اسٽرينڊڊ ۽ ڊورمنٽ گئس فيلڊز، سوهو ڊسڪوري ۽ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ سميت سنڌ جي توانائي وسيلن بابت مختلف معاملن تي غور ڪيو ويو.

وڏي وزير مراد علي شاهه مطالبو ڪيو ته حيدان بلاڪ سنڌ انرجي هولڊنگ ڪمپني لميٽيڊ کي الاٽ ڪيو وڃي. هن چيو ته ان حوالي سان سنڌ حڪومت وفاق کي ڪيترائي خط لکي چڪي آهي، پر فيصلو اڃا تائين التوا هيٺ آهي.

مراد علي شاهه چيو ته صنعتي ترقي کي هٿي ڏيڻ لاءِ اسٽرينڊڊ ۽ ڊورمنٽ گئس فيلڊز سنڌ حڪومت حوالي ڪرڻ بهتر قدم هوندو، جڏهن ته سنڌ جي صنعتن کي توانائي جي فراهمي يقيني بڻائڻ لاءِ صوبي جي گئس وسيلن جو مؤثر استعمال ضروري آهي.

وڏي وزير مطالبو ڪيو ته سوهو ڊسڪوري ۽ ڪنڌڪوٽ گئس فيلڊ مان پيدا ٿيندڙ گئس آئين جي آرٽيڪل 158 تحت سنڌ کي فراهم ڪئي وڃي.

هن چيو ته سنڌ ملڪ جو سڀ کان وڌيڪ گئس پيدا ڪندڙ صوبو آهي، تنهن ڪري صوبي جي گئس وسيلن بابت آئيني حقن جو احترام ڪيو وڃي.

وفاقي وزير علي پرويز ملڪ چيو ته وفاق سنڌ جي گئس وسيلن بابت صوبائي حڪومت جي موقف ۽ تجويزن کي اهميت ڏئي ٿو. حيدان بلاڪ، گئس الاٽمينٽ ۽ ٻين التوا هيٺ معاملن جو ترجيحي بنيادن تي جائزو وٺڻ جي خاطري ڪرائيندي هن چيو ته وفاق ۽ صوبائي حڪومت جي گڏيل سهڪار سان توانائي جي شعبي ۾ بهتر نتيجا حاصل ڪري سگهجن ٿا.

ملاقات دوران سوئي سدرن گئس ڪمپني جي خديجي بيس ڪيمپ لاءِ زمين ۽ نون گئس ڪنيڪشنن سان لاڳاپيل معاملن جو پڻ جائزو ورتو ويو.

وڏي وزير لاڳاپيل صوبائي کاتن کي ايس ايس جي سي سان لاڳاپيل التوا هيٺ معاملن کي جلد حل ڪرڻ جي هدايت ڪئي ۽ چيو ته عوام ۽ صنعتن کي بهتر سهولتون فراهم ڪرڻ لاءِ وفاقي ۽ صوبائي ادارن وچ ۾ مؤثر رابطي ۽ گڏيل سهڪار کي يقيني بڻائڻ ضروري آهي.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں