ڪراچي (بيورو رپورٽ): سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام خلاف بحث لاءِ پيپلزپارٽي طرفان پيش ڪيل رٿ ئي تڪرار جو سبب بڻجي وئي آهي. رٿ تي سومر کان ايوان ۾ بحث ٿيندو، پر سنڌ جي مختلف سڄاڻ ڌرين، اديبن، ليکڪن، صحافين، شاعرن ۽ قومپرستن سوال اٿاريو آهي ته جيڪڏهن مقصد سنڌ جي وحدت جو تحفظ آهي ته پوءِ بحث لاءِ رٿ بدران واضح ٺهراءُ ڇو پيش نه ڪيو ويو؟
سنڌ اسيمبلي ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت بحث لاءِ پيش ڪيل رٿ تي سياسي ۽ سماجي حلقن ۾ بحث تيز ٿي ويو آهي.
سنڌ اسيمبلي جي جمعي واري اجلاس دوران پاڪستان پيپلزپارٽي جي صوبائي صدر ۽ ايم پي اي نثار احمد کهڙي اٿي بيهي سمورا رولز رليڪس ڪرڻ جي درخواست ڪئي، جنهن تي اسپيڪر سيد اويس قادر شاهه کيس رٿ پيش ڪرڻ جي اجازت ڏني.
نثار احمد کهڙي رٿ پيش ڪندي چيو ته ملڪ ۾ نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت عوامي سطح تي بحث شروع ٿي چڪو آهي ۽ ان حوالي سان مختلف تجويزون ۽ خيال سامهون اچي رهيا آهن، جن مان ڪجهه اهڙا به آهن جيڪي سنڌ صوبي جي موجوده حدن ۾ تبديلي جو سبب بڻجي سگهن ٿا.
هن چيو ته اهڙي عوامي نوعيت جي اهم معاملي تي سنڌ اسيمبلي ۾ بحث ٿيڻ ضروري آهي، جنهن کانپوءِ اسپيڪر رٿ منظور ڪندي سومر کان ان تي بحث ڪرائڻ جي رولنگ ڏئي ڇڏي.
رٿ جي منظوري کانپوءِ سينيئر صحافين ۽ تجزيا نگارن پاران سوال اٿاريو ويو آهي ته ايوان ۾ پيش ٿيندڙ رٿ تي ميمبر عام طور پنهنجن خيالن جو اظهار ڪندا آهن، جڏهن ته ان جو ڪو لازمي فيصلائتو نتيجو سامهون نٿو اچي.
تجزيه نگارن موجب ان جي ابتڙ ايوان مان منظور ٿيندڙ ٺهراءُ وڌيڪ اهميت رکي ٿو، ڇاڪاڻ ته ٺهراءَ ذريعي وفاق آڏو ڪنهن واضح مطالبي يا موقف جو اظهار ڪيو ويندو آهي.
گذريل ڏينهن کان سوشل ميڊيا ۽ مختلف ميڊيا پليٽ فارمن تي به بحث جاري آهي ته پيپلزپارٽي کي بحث لاءِ رٿ پيش ڪرڻ بدران نون انتظامي يونٽن جي قيام خلاف واضح ٺهراءُ آڻڻ گهرجي ها.
سنڌ جي مختلف سڄاڻ حلقن، اديبن، ليکڪن، صحافين، شاعرن ۽ قومپرست ڌرين پاران رٿ تي ردعمل سامهون اچڻ بعد معاملو وڌيڪ تڪراري بڻجي ويو آهي.
انهن ڌرين جو موقف آهي ته سنڌ جي وحدت ۽ موجوده جاگرافيائي حيثيت بابت ڪنهن به قسم جو بحث قبول ناهي، جڏهن ته سنڌ جي وحدت خلاف ڪنهن به تجويز يا منصوبي کي رد ڪرڻ لاءِ واضح سياسي موقف اختيار ڪرڻ گهرجي.
ٻئي طرف پيپلزپارٽي سان همدردي رکندڙ ڪجهه سينيئر صحافين ۽ تجزيا نگارن جو چوڻ آهي ته پارٽي پهرين ڏينهن کان ملڪ جي مختلف فورمن تي نون انتظامي يونٽن جي قيام جي مخالفت ڪندي رهي آهي.
سندن موجب پيپلزپارٽي ملڪ جي اعليٰ سياسي عهدن، سنڌ حڪومت ۽ ٻين اهم سياسي ذميوارين باوجود نون انتظامي يونٽن جي معاملي تي پنهنجو موقف تبديل ناهي ڪيو ۽ مختلف فورمن تي ان جي مخالفت ڪندي رهي آهي.
ڪجهه تجزيه نگارن جو خيال آهي ته سنڌ اسيمبلي ۾ ٺهراءُ بدران رڳو بحث لاءِ رٿ پيش ڪرڻ سان پيپلزپارٽي شايد ”سيف سائيڊ“ کيڏڻ جي ڪوشش ڪري رهي آهي، ڇاڪاڻ ته رٿ ذريعي بحث ته ٿي سگهي ٿو پر وفاق ڏانهن ڪو واضح مطالبو يا پابند سياسي موقف منتقل نٿو ٿئي.
هاڻي سڀني جون نظرون سومر تي سنڌ اسيمبلي جي اجلاس تي آهن، جتي نون صوبن ۽ انتظامي يونٽن جي قيام بابت رٿ تي بحث ٿيندو ۽ اهو ڏسڻو هوندو ته حڪمران جماعت سنڌ جي وحدت بابت پنهنجي موقف کي رڳو بحث تائين محدود رکي ٿي يا ان کان اڳتي وڌي ڪو واضح ٺهراءُ پڻ آڻي ٿي.