رستم ويجهو موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ زخمي نوجوان اسپتال ۾ فوت، شهر ۾ سوڳ

فہرستِ مضامین

رستم (رپورٽ: غمشاد علي جاگيراڻي) رستم ويجهو چڪ-رستم روڊ تي موٽرسائيڪلن جي ٽڪر ۾ سخت زخمي ٿيل نوجوان علاج دوران گمبٽ اسپتال ۾ فوت ٿي ويو.

رستم ويجهو چڪ-رستم روڊ تي رستم شاخ ڀرسان گذريل رات ٻن موٽرسائيڪلن ۾ ٽڪر ٿيڻ سبب رستم واسي عبدالقدير دايو ۽ راشد مهر سخت زخمي ٿي پيا.

واقعي کانپوءِ زخمين کي فوري طور اسپتال منتقل ڪيو ويو، جتي عبدالقدير دايو کي وڌيڪ علاج لاءِ گمبٽ اسپتال نيو ويو، پر هو زخمن جا سور نه سهندي فوت ٿي ويو.

عبدالقدير دايو جي وفات جي تصديق سندس والد ڪئي آهي.

نوجوان جي فوت ٿيڻ جي خبر ملندي ئي گهر ۾ ڪهرام مچي ويو، جڏهن ته رستم شهر ۾ پڻ سوڳ واري صورتحال ڇانئجي وئي.

فوتي نوجوان جو لاش ايمبولينس ذريعي گمبٽ اسپتال مان رستم روانو ڪيو ويو.

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں