لاهور(ويب ڊيسڪ): پنجاب جي اطلاعات واري وزير عظميٰ بخاري چيو آهي ته راولپنڊي ۾ برسات سبب پيدا ٿيل صورتحال جي وزيراعليٰ پنجاب مريم نواز شريف پاڻ نگراني ڪري رهي آهي.
عظميٰ بخاري موجب ريسڪيو، واسا، پي اي فورس ۽ ضلعي انتظاميا جو عملو فيلڊ ۾ موجود آهي ۽ صورتحال کي مسلسل مانيٽر ڪيو پيو وڃي.
هن چيو ته راولپنڊي ۾ واسا سميت لاڳاپيل ادارن وٽ پاڻي نيڪال ڪرڻ لاءِ سمورا وسيلا موجود آهن، جڏهن ته برسات بند ٿيڻ سان ئي پاڻي جي نيڪال جو ڪم تيز ڪيو ويندو.
پنجاب جي اطلاعات واري وزير دعويٰ ڪئي ته ايندڙ ڪجهه ڪلاڪن دوران راولپنڊي مان برساتي پاڻي صاف ڪري صورتحال معمول تي آڻڻ جي ڪوشش ڪئي پئي وڃي.