حيدرآباد ۾ گھر کي باھ لڳڻ سبب 3 ڄڻا سڙي فوت

فہرستِ مضامین

حيدرآباد جي قاسم آباد واري علائقي م گھر کي باھ لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

قاسم آباد واري علائقي علي پئليس ڀرسان دڪانن مٿان قائم رھائشي گھر ۾ اوچتو باھ لڳڻ سبب ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا سڙي فوت ٿي ويا.

ريسڪيو عملدارن موجب شارٽ سرڪٽ سبب گھر کي باھ لڳي، جنھنڪري تہ اندر موجود  ماڻھو ٻاھر نہ نڪري سگھيا.

شروعاتي طور هڪ مرد ۽ ٻن عورتن جي فوت ٿيڻ جي تصديق ٿي آهي، جڏھن تہ ٻن فوتين جي سڃاڻپ شافع صديقي ۽ ايفا صديقي طور ڪئي وئي آهي۔

ريسڪيو اهلڪارن موجب باهه تي ضابطو آندو ويو آھي،ڪولنگ جو عمل جاري آهي۔…..

مزید خبریں

مقبول ترین خبریں