ممبئي (شوبز ڊيسڪ): ڀارتي اداڪارا حنا خان بالي ووڊ جي ڪنگ شاهه رخ خان سان پنهنجي پهرين ملاقات جو دلچسپ واقعو مداحن سان شيئر ڪري ڇڏيو آهي، جنهن دوران اداڪارا ٻڌايو ته هوءَ شاهه رخ خان سان گڏ جهاز ۾ ويٺي هئي، پر اداڪار گهڻو وقت سمهيل رهيو.
حنا خان هڪ تازو پوڊڪاسٽ دوران راڪي جيسوال، روبينا دليڪ ۽ ابھينو شڪلا سان ڳالهائيندي ٻڌايو ته شاهه رخ خان سان سندس پهرين ملاقات فلائيٽ دوران ٿي هئي.
اداڪارا موجب ان وقت سندس ڊرامو ”يه رشتي ڪيا ڪهلاتا هي“ شروع ٿئي تقريباً ڏيڍ سال ئي ٿيو هو ۽ هوءَ انڊسٽري ۾ اڃا نئين هئي.
حنا خان ٻڌايو ته فلائيٽ دوران هن ڏٺو ته شاهه رخ خان سندس ڀر واري سيٽ تي ويٺو هو ۽ سمهي رهيو هو. اداڪارا چيو ته هوءَ ساڻس تصوير ڪڍرائڻ لاءِ تمام گهڻي پرجوش ۽ نروس هئي، پر شاهه رخ خان جاڳي ئي نه رهيو هو.
حنا خان موجب ڪجهه دير کانپوءِ ڪافي پيئڻ لاءِ شاهه رخ خان جاڳيو ته هن کيس سلام ڪيو ۽ گڏ تصوير ڪڍرائڻ جي درخواست ڪئي. شاهه رخ خان کيس چيو ته انتظار ڪر، مان توسان تصوير ڪڍرائيندس.
اداڪارا ٻڌايو ته ڪافي پيئڻ کانپوءِ شاهه رخ خان ٻيهر سمهي پيو ۽ هوءَ تصوير لاءِ انتظار ڪندي رهي. جهاز لينڊ ڪرڻ کانپوءِ کيس لڳو ته شايد هاڻي تصوير نه ٺهي سگهندي، پر شاهه رخ خان پاڻ اٿيو، کيس سڏايو ۽ ساڻس گڏ تصوير ڪڍرائي.
حنا خان وڌيڪ ٻڌايو ته بعد ۾ هوءَ ۽ شاهه رخ خان هڪ ئي ڪوچ ۾ به موجود هئا، جتي شاهه رخ خان آخري سيٽ تي وڃي ٻيهر سمهي پيو. اداڪارا موجب ان وقت شاهه رخ خان پنهنجي هڪ فلم جي پروموشن ۾ مصروف هو ۽ ڪيترن ئي ڏينهن کان مناسب ننڊ نه ڪري سگهيو هو.
هوڏانهن شاهه رخ خان هن وقت هدايتڪار سڌارٿ آنند جي ايڪشن ٿرلر فلم ”ڪنگ“ جي تيارين ۾ مصروف آهي، جنهن جي نمائش 24 ڊسمبر تي ٿيڻ جي اميد ظاهر ڪئي پئي وڃي.